ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

ٻي شادي

ٻي شادي

چاچو مولو اڄ ڪاوڙ ۾ صفا بِر لڳو پيو هو، سُڪو ويچاري کي ورائي ورائي پئي گاريون ڏنائين.
سُڪو چاچي کي آخر ڪري به ته ڇا ڪري!، چاچو؛ “اڙي نڀاڳئو لڇڻ ڪريو لڇڻ... قاسو وانگر پنهنجو مُنهن ڪارو نه ڪجئو”. سُڪو؛ “چاچا قاسو ويچاري ڀلا ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ٻي شادي ته ڪئي اٿئين جهاز ته ڪونه ڪيرايو اٿئين!. اهو ته پاڻ وٽ رواج آهي، چاچا تنهنجون ٽي زالون آهن، رئيس وڏي جون چار شاديون آهن، الڻ جون ٻه آهن، خميسي جون ٽي آهن، آچو ٻه ڪيو ويٺو آهي ٽين ونواهه ويٺي اٿس پاڻ ته ايتريون شاديون ڪيون اٿئو باقي قاسو تي گار جي لرڙي پئي ٿي پوي آخر هُن ويچاري ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي؟. هُو ته وڏڙن جي رسم پيو نِڀائي ڇو اچي هُن غريب جي پُٺيان پيا آهيو!”.
چاچي کنگهندي ڳلو صاف ڪيو؛ “اڙي پِٽيا توکي به قاسوءَ جو واءُ لڳو آهي، اڙي ڇورا تون به هٿن مان وئين، مون ته اڳ ئي قاسو واري پيءُ مرحيات خاڪو کي پيشن گوئي ڪري ٻُڌايو هو ته تو وارو ڇورو شهر پڙهي ڳوٺ کي به خراب ڪندو ۽ اِجهو اها پيشن گوئي سچ ثابت ٿي تون به رڱجي وئين نه قاسو جي رنگ ۾!”.
پريان کان رئيس به کنگهڪارون ڪندو گاريون ڏيندو پئي آيو، اچڻ شرط اچي رئيس به سڪو تي ڪڙڪيو؛ “اڙي سڪو تو وارو يار قاسو ڪٿي آ؟”.
سڪو؛ “رئيس مون کي ناهي مليو”.
رئيس؛ “توکي سڀ خبر آ تون به مليل آهين”. سڪو رئيس ۽ چاچي جي اڳيان هٿ ٻڌندي؛ “چاچا سائين رئيس آخر قاسو اهڙو ڇا ڪيو آهي جو اوهان ممڻ مچائي ڇڏيو آهي؟”.
رئيس؛ “اڙي ڇورا قاسو وڏو گند ڪيو آهي شهر مان پڙهيل منڊم پرڻجي آيو آهي، هاڻ ته تنهنجي چوٿين جيجان به چئي ٿي ٻار تو وٽ گنج آهن ٻار بند ٿي ڪرايان ۽ ڇوڪري کي به پڙهائينديس. اها منڊم اسان جي ڳوٺ جي ماين کي کاري ڇڏيندي. قاسو پڙهيل لکيل منڊم سان شادي ڪري اسان جون سُڪون ڦٽائي ڇڏيو آهي. منڊم چئي ٿي هاڻ ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ اسپتال ٺهندي، ڇوڪريون پڙهنديون، ڏس ڪيترو ڪُفر پئي ڪري نياڻي ذات به ڪڏهن پڙهي!؟. اڙي تون قاسو جو دوست آهين سمجهائينس ته ان منڊم کي واپس شهر ڇڏي اچي نه ته اسان سڀ گڏجي کيس ڳوٺ نيڪالي ڏئي ڇڏينداسين”.
سڪو ڪنڌ هيٺ ڪري ڪجهه سوچڻ لڳو پوءِ رڙ ڪري چيائين؛ “چاچا آئون قاسم سان گڏ آهيان، اڄ اهو وچن ٿو ڪريان ته ان منڊم جو ڀرپور ساٿ ڏيندس ۽ آئون به پڙهيل لکيل مائي سان شادي ڪري سڀني ڳوٺ جي ڇوڪرين کي پڙهائيندس!”.
***