ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

حرامخوري

حرامخوري

پاڻ تازو عُمرو ڪري آيو ماشاءَ الله ڇا ته سُڪون مليس!. اصل روح پاڪ ٿي پيس. سندس دُڪان شهر جي وچ تي آهي، پاڻ رشوت ۽ حرامخوري کي گُناهه سمجهندو آهي. ٻُڌايائين پئي ته سندس سڀ ٻار پنج وقت نماز پڙهندا آهن ۽ گهر واري ته هر وقت تلاوت ڪندي رهندي آهي.
اڄ واپڊا واري کي پنج هزار ڏيندي چيائين، “بس يار ڪم ئي ناهي دُڪان تي......... في الحال اهي رک ۽ بِل ٻه هزار کان مٿي نه موڪليندو ڪر!”. سائين آفيس جو انچارج هو کيس حرامخوري کان سخت نفرت آهي. سائين عمري تي وڃڻ ڪري چارج اسسٽنٽ کي ڏئي ويو هو.
الله جنهن کي گُهرائي، اڄ واپس آيو عمري تان ته اصل نُور پئي ٽِميس نراڙ تان.......... ٻئي ڏينهن آفيس ۾ گُلن جا هار، تسبيحون، ڪتل اصل عطُر جي مهڪ لڳي پئي آهي.
ٽئين ڏينهن صاحب جي آفيس مان گوڙ ۽ گارين جو آواز پيو اچي، پٽيوالو سُس پُس ڪندي، “يار نورا جهيڙو وري ڇا تي هوندو............ اصل ۾ صاحب مولو کان ڪم جا سوا لک گهريا هئا، عمري تي ويو ته پُٺيان اسسٽنٽ صاحب اهو ڪم اسي هزار ۾ ڪري ڇڏيو!”.
پاڻ پرائمري اسڪول جو هيڊ ماستر آهي، الله جي فضل ڪرم سان ٽي حج ۽ ست عمرا ڪيا اٿئين، حرامخوري کان کيس سخت نفرت آهي، ماستري جي سروس هاڻ ٻاوويهه سال ٿي وئي اٿس، شروعات ۾ ٻني ٻاري ۾ مصروف هُجڻ ڪري هڪ پاڙي جو ڇوڪرو سندس جڳهه تي اسڪول ۾ ٻارن پڙهائڻ لاءِ رکيو هئائين پوءِ سوچيائين، “هي ڳوٺ وارا ڇورا وري ڪهڙو پڙهندا........!!”. بس پوءِ اسڪول ۾ ٽي وي اي سي لڳرائي اوطاق ٺهرائي ڇڏيائين پوءِ ٻاوويهه سال ئي اسڪول ۾.
***