ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

بيواهه

بيواهه

“ائي مُئي سڪيءَ مار پوئي ڪا ڪٿي مري وئين!”، پوڙهيءَ زرينه پنهنجي نُنهن سڪينه کي سڏ پئي ڪيا ۽ سڏ ڪندي ڪندي پورو گارين جو ڪتاب پڙهي وئي هُئي ۽ بس تڏهن ڪيائين جڏهن ساهه ڀرجي آيس ۽ سهڪو اچي لڳس.
آهستي ڀُڻڪندي، “ان نڀاڳيءَ سڪيءَ مون کي به دم جو مريض ڪري ڇڏيو. نڀاڳي مُڙسهنس جو سر کنيو هاڻ اچي منهنجي پُٺيان لڳي آهي!. مُئي الائي ڪيئن اچي اسان جي گهر ۾ پئي. ڪا ماڻس کي وبا پئي ها جو بيمار ٿي مري ها جو اهڙي هچان ڄڻي اسان جي ڪنڌ ۾ نه هڻي ها!”.
پوڙهي زرينه پنهنجي پُٽ جي موت جو ڪارڻ به سڪينه کي سمجهندي هئي ۽ بيماري جو به هونئن ته پوڙهي جي دماغ جو پارو هميشه چڙهيل رهندو هو پر اڄ ڪُجهه سوايو چڙهيل هئس ڇاڪاڻ جو ننڍي پُٽ جو جتان رشتو ڪيو هُئائين اُهي سندس گهر ڏسڻ پئي آيا. ان ڪري پوڙهي صبح کان ويچاري سڪينه جي مٿان مينهن وانگر وسي پئي.
هونئن ته گهر ۾ سڪينه سان ڪو به پيار سان ناهي ڳالهائيندو بس هڪ ڏير کان سواءِ سو به اُن ڪري جو جتان کان سندس مڱڻو ٿيو هو اُهي سڪينه جا ڄاڻ سُڃاڻ وارا هئا. سڪيءَ سڪينه ويچاري سورهن سالن جي ڄمار ۾ اڃان پير مس پاتو هو ته مائٽن سندس شادي پوڙهي زرينه جي پُٽ عبدل سان ڪرائي ڇڏي.
عبدل سندس هم عمر هو، شادي کان پهرين ٻنهي هڪٻئي کي ڏٺو به ڪونه هو پر شادي ٿيڻ کان پوءِ ٻئي پاڻ ۾ خوش رهڻ لڳا هئا. عبدل کيس دل سان پيار ڪندو هو. سندس هر ننڍي ننڍي خواهش جي پورائي ڪندو هو. کيس ڪڏهن به ڪنهن شئي جي تنگي ٿيڻ نه ڏنائين، مار پوي موت کي جو اڻ مُندائتو اچي نڪتو.
موت هڪ اهڙي سچائي جنهن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. عبدل ڦوهه جواني ۾ موٽرسائيڪل جي ايڪسيڊنٽ ۾ وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. پاڻ ته هليو ويو پر پُٺيان سڪي ۽ سندس ٻه معصوم پُٽڙا ڇڏي ويو جيڪي هاڻ سندس ڀائرن ۽ ماءُ جي رحم ڪرم تي هئا. عبدل جي موت کان پوءِ سڪينه جا مائٽ کيس وٺڻ آيا پر هن وڃڻ کان انڪار ڪيو چئي، “هاڻ هي ٻارڙا ئي منهنجي زندگي آهن منهنجي عبدل جي نشاني”. هن ڪڏهن سوچيو به نه هو ته ڪو زندگي ائين به تبديل ٿيندي.
پهريان جڏهن عبدل زندهه هو ته هن وٽ هميشه هر شئي موجود هوندي هئي. ڀلا ڪپڙا، پئسه ڏوڪڙ، کاڌو پيتو به ڍئو تي هوندو هئس پر عبدل جي مرڻ کان پوءِ سندس زندگي ائين بدلجي وئي جيئن ڏينهن جي روشني کان پوءِ رات جي ڪاراڻ ٿي پوندي آهي. سندس ڏيراڻيون کيس سخت نفرت سان ڏسنديون آهن. پائڻ لاءِ پُراڻا ڪپڙا به ڪڏهن نصيب ٿيندا اٿس ته ڪڏهن ويٺي چتيون هڻي ڪپڙا پائيندي آهي. سندس ننڍڙا ٻارڙا خرچيءَ لاءِ تڙپندا آهن، عيد تي به جڏهن سس چوندي آهي ته هڪ هڪ بافتي جو جوڙو ننڍڙن کي وٺي ڏيندا آهن ۽ پوءِ اهو جوڙو به ڳالهيون ٻُڌائي ٻُڌائي اندر مان ڪڍي ڇڏيندا آهن.
کيس ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي زندگي کان سخت نفرت ٿيندي آهي پر هميشه معصوم ٻارن جو سوچي چُپ ٿي ويندي آهي.
سڪينه اڄ سڄي گهر کي ڌوئي صاف ڪيو هو. اٽو ڳوهي رکي آئي هئي، ٻوڙ به چُلهه تي چڙهيل هو ڇو ته سڄي گهر جو ڪم سڪينه ئي ڪندي هئي. سڀني تيار ٿي مهمانن جو انتظار پئي ڪيو پر سڪينه ويچاري ڪم ۾ لڳي پئي هئي. ڪنهن به سڪينه ڏي ڌيان نه ڏنو هو. هُوءَ پُراڻن ڪپڙن ۾ چُلهه تي ويٺل هئي، ائين پئي لڳو ڄڻ هُوءَ هن گهر جي ڀاتي نه هُجي بس صرف نوڪرياڻي هجي. پريان کان وري سندس سس جو زوردار آواز گونجيو، “او مئي سڪي ڪٿي مري وئين؟، اٽي تي چٽيءَ مهمان اچڻ وارا آهن اڃان ماني تيار ڪونهي ٿي ڇا؟، مار پوئي ڪا شل موت اچئي جو اسان جي جان ڇُٽي!”.
“سڪي” پوڙهيءَ جون گاريون ٻُڌي اندر کان جُهري پئي ۽ اکين جا بند ڀڃي ٻه ڳوڙها سندس ڳلن تان ٿيندا اچي هيٺ ڪريا. سڪينه سوچڻ لڳي، “آخر “بيواهه” کي جيئڻ جو حق ڇو ڪونهي!!!”.
***