بُجو
هونئن ته ڪنهن جي ڳالهه لِڪي ٻُڌڻ عيب آهي پر هتي ڪجهه معامرو ئي اهڙو هو. ڇوڪري مس ارڙنهن اوڻيهه سالن جي ٿيندي، حالانڪه ڪپڙا ميرا پاتل هئس پر ڳلن تي لالي، ڀريل جسم ۾ ڪشش هئس.
دُڪان وارو بدستور کيس ڇُهي رهيو هو هُوءَ سندس هٿ پري ڪري رهي هئي. نيٺ دڪان واري پنهنجي دل جي ڳالهه ڪيس. هُن به نخري سان چيو، “شام جو بس ٽرمينل جي پُٺيان اسان جي بستي ۾ اچجان!”.
سودو طيءَ ٿيو، هُوءَ گودڙي ڪُلهي ۾ لڙڪائي هلي وئي. هُن جي ذهن ۾ هڪ پُراڻي يادگيري تري آئي. پاڻ ڪئي سال اڳ ۾ ڪوٺي تي وڃڻ ٿيو هئس، ياد آيس ته ان وقت ڪنوارو هو شادي ٿيل نه هئس. هڪڙي ڳاڙهي ڳٽول ڇوڪري سان ائين ئي ريٽ طئي ڪري ڪمري ۾ داخل ٿيو هو.
ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط ڇوڪري ڪپڙا لاهڻ شروع ڪيا ته هن منع ڪيس. ڇوڪري حيران ٿي پئي هئي. هن چيو مون کي توسان ڪچهري ڪرڻي آهي. ڇوڪري تجسس سان کيس ڏسي ويهي رهي. هُن جي من ۾ اُڻ تُڻ هئي ته کائنس پُڇي ته هُوءَ ڪوٺي تي ڇو ويٺي آهي!”.
خاموشي کي ٽوڙيندي هُن نيٺ پُڇي ورتس ته، “تون هتي ڪوٺي تي ڪيئن پُهتين ۽ تون هتي پنهنجي جسم جو سودو ڇو پئي ڪرين؟”. ڇوڪري بُت بڻجيو ويٺي هئي. ڪو جواب نه ڏنائين هن ساڳيو سوال وري دُهرايو.
ڇوڪري اچانڪ اُداس ٿي پئي. نيڻن مان ڳوڙها ڳڙي پيس، هن ڏي نهاريندي اداسي سان چيائين. “ڇو ته منهنجي ماءُ” به ڪوٺي تي ويهندي هئي ۽ آئون اُتي ڄائي هئس!. اُن ڪري آئون به هتي پُهتي آهيان. هن مُلڪ ۾ اهو ئي رواج آهي وزير جو پُٽ وزير ٿيندو. آفيسر جو پُٽ آفيسر، مزدور جو پُٽ مزدور ۽ رنڊي جي ڌيءَ رنڊي ٿيندي............ هن مُلڪ ۾ ائين ٿيندو آهي!”.
کيس محسوس ٿيو ڪير سندس مُنهن تي گهروڙي “بُجو” ڏئي رهيو هو. پاڻ ڪنڌ هيٺ ڪري نڪري آيو.
***