فِرقا
الله اڪبر الله اڪبر اشهد ان لا اِلاهه اشهد ان محمد رسول الله!. فجر جي آذان ٿي پئي، لائوڊ اسپيڪر جو آواز ظهير جي ڪنن سان ٽڪرايو، پاڻ آذان ٿيڻ تي ڪلمو ڀري اُٿيو، جلدي جلدي ۾ وضو ڪيائين، سندس دل ڪيو پئي ته اڄ باجماعت نماز پڙهي. سو ٻاهر نڪتو سائي پڳڙي سان مولوي صاحب ويو پئي ظهير کي ڏسي بيهي رهيو، “ماشاءَ الله ظهير صاحب!، اڄ توهان فجر جي نماز تي اُٿيا آهيو، الله توهان کي اجر ڏيندو، جزاڪ الله اچو اچو سامهون ڳليءَ جي ڇيڙي تي پنهنجي دعوت اسلامي جي مسجد آهي گڏجي نماز ٿا پڙهون!”.
ظهير، “جي مولوي صاحب حاضر ٿيان ٿو”، چئي ٿورو آهستي ٿيو ته پريان اڇي پٽڪي سان ڀريل جسم سُهڻي سونهاري سان مولوي صاحب سڏ ڪيس، “ظهير صاحب توهان جو بابا ڏاڍو نيڪ ماڻهو هو، اسان سان گڏ ڪئي دفعا اسلام جي تبليغ لاءِ هليو هيءَ ڀر واري مسجد پنهنجي اٿئو اچو گڏجي نماز ٿا پڙهون!”.
ظهير، “جي مولوي صاحب حاضر اچان ٿو”، چئي ٿورو آهستي ٿيو ته سندس پُراڻو دوست علي پئي آيو. ماشاءَ الله ڪارا ڪپڙا، پٽڪو، سونهاري رکيل..... ظهير سان ڏاڍي پيار سان مليو، پڇيائينس، “نماز جي تياري آهي؟”.
ظهير چيو، “جي جي نماز لاءِ اُٿيو آهيان!”.
محمد علي چيس، “پوءِ اچو اڳئين ڳليءَ ۾ پنهنجي مسجد آهي اهل تشيع جي گڏجي نماز ٿا پڙهون!”. ظهير جو دماغ چڪرائجڻ لڳو، ٻاهر گهر جي دڪي تي چڙهي ويهي رهيو، چوڌاري آذانن جو آواز پئي آيس، ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي ويهي رهيو، سمجهه ڪونه پئي آيس ته ڪيڏانهن وڃي؟. ڇا ڪري!؟. ٽوپي لاهي کيسي ۾ وڌائين ۽ اچي گهر سُمهي پيو......
***