مُرشد پاڪ
اڄ اوطاق تان اُڀ ڏاريندڙ رڙيون پئي آيون.
ڳوٺ جي چئونڪ واري دڪان تي سُس پُس پئي هلي؛ “ويچاري جمعي جو اڄ خير ڪونهي، ڪلهه مرشدن جي گهر وٽان مٿي اگهاڙو گذريو هو سو اڄ وڏو پير سائين اُبتي کل لاهي ڇڏيندس!”.
ٽي چار ڪلاڪ اوطاق مان مسلسل رڙين جا آواز ايندا رهيا، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ بيچيني وڌي پئي نيٺ آواز اچڻ بند ٿي ويا. سڀني ڏٺو ته اوطاق مان گڏهه گاڏي تي جمعي کي کنيو پئي ويا.
جمعي کي وڏي سائين چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. اڌ رات جو ڪمدار جمعي جي گهر جو دروازو اچي وڄايو، جمعي جي ڌيءَ ۽ گهر واري نڪري آيون جن کي ڪمدار اوطاق تي اچڻ لاءِ چيو.
جمعي جي گهر واري ۽ ڌيءَ اوطاق تي پهچي مرشد جي پيرن ۾ ڪري پيون ۽ ايلاز منٿون ڪرڻ لڳيون؛ “مُرشد سائين جمعون بي ڏوهي آهي، مرشد پاڪ اسان کي بخش ڪر”.
مُرشد پاڪ مُڇ وٽيندي جمعي جي زال کي چيو؛ “تو واري ڇوريءَ کي ڇڏي وڃ..... جُمعون ۽ ڇوريءَ ٻئي صبح جو گهر پهچي ويندا!”.
جمعي جي زال مڙس جي زندگي لاءِ ڌيءَ جي قرباني ڏئي ٿڪل قدمن سان گهر پهچي صبح ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي.
***