ڀڳوان جي مرضي
جوان ٿيڻ جي پهرين نشاني اُرهن جي اُڀرڻ کي مڃيو ويندو آهي. اِندرا جا اُرهه به گُلاب جي مُکڙي وانگر ڳاڙهاڻ سان وڌڻ شروع ٿيا هئا ته ڳوٺ جي وات ڳاڙهن ڇورن جي اک سندس مٿان هٽندي ئي ڪونه هئي.
اندرا جنهن اڃان پنهنجي جوانيءَ کي دل سان قبول ئي نه ڪيو هو. هُوءَ ته ويٺي ٻارڙن سان کيڏندي هئي. امڙ پوتيءَ مٿي تي رکڻ لاءِ بار بار پئي هڪلون ڪندي هئس پر هُوءَ انهن سڄين ڳالهين کان بي نياز ٿيو پئي گُهمندي هئي.
وڏيرو اڄ گهڻن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ واري ٻنيءَ تي گُهمڻ لاءِ نڪتو هو. گُهمندي ڦرندي بصرن جي فصل ۾ اچي پهتو جيڪو وشنوءَ کي هارپي ۾ ڏنل هو. وشنوءَ ويچارو زال ٻارن سان بصرن جي گُڏ ۾ مگن هو اوچتو جو وڏيري کي ايندي ڏٺائين ته ڀڄندو وڃي ٻانهون ٻڌي اڳيان بيٺس.
گُڏ ۽ گرمي ان وقت ڀلا پوتيون سنڀالڻ جو ڪنهن کي هوش هوندو آهي. “اندرا” اسڪرٽ نُما ننڍي چولي ۾ هئي جنهن جيئن هٿ مٿي کنيو پئي ته سندس سنهڙي چيلهه ۽ ان جي وچ ۾ سنهڙو گول چُگهه ظاهر ٿيو پئي پر هُن کي ته اها به خبر نه هئي ته منهنجي جسم جي ان حصي ته به ڪنهن جي بُري نظر پوندي!.
وڏيرو وشنوءَ سان ڳالهائي رهيو هو ته اچانڪ سندس نظر اندرا تي پئي، اتفاق سان “اندرا” اُن وقت مٿي اُٿي ٻنهي هٿن سان چهري تان پگهر پئي صاف ڪيو. وڏيرو تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو واپس هليو ويو.
صبح جو سوير ڳوٺ ۾ چئوٻول هليو ته وشنوءَ جي گهران ٻڪرين جي چوري ٿي وئي آهي. وشنوءَ ٻئي هٿ مٿي تي ڏئي ويٺل هو. “اندرا” جي ماءُ اڱڻ جي پاسي ۾ ويٺي رُني.
اندرا ڦاٽل چولي سان گهر جي اڱڻ ۾ ٽُٽل کٽ تي بي هوش پئي هئي. وشنوءَ ويچارو ڀڳوان جي مرضي سمجهي رت جو ڍُڪ پي ويهي رهيو.
***