پلاند
نُورو کٽ تي ائين پئي ڦڪيو جهڙو ڪُڪڙ سير پوڻ کان پوءِ ڦٿڪندو آهي.
ڳوٺ جا سڀ چڱا اچي گڏ ٿيا هئا. ماسي نيامت جيڪا ڳوٺ ۾ دائپو ڪندي هئي تنهن کي ڳوٺ جا وڏا ننڊا ٻار توڙي ٻُڍيون عقل وارو سمجهندا هئا ۽ کيس ڏاڪدرياڻي چئبو هئس. ڳوٺ ۾ اڪثر سڀ جا سڀ اڻ پڙهيل هئا. چاچو آچو وڏڙو هو.
نوري جو وڏو ڀاءُ ماستر فيضو جڏهن ڳوٺ ڇڏي ڀر واري اسڪول پڙهڻ پئي ويو ته فيضو جي پيءُ مرحيات سوڍي کي چيو هئين، “تو وارو ڇورو وري ڪهڙا پڙهي اڪ ڪارا ڪندو جو موڪلينس ٿو پڙهڻ!. هتي ڇڏينس ته ٻڪريون چاري ۽ هر هلائڻ سکي ته جيئن سُڀاڻ ٻنيءَ ٻاري ۾ تنهنجو هٿ ونڊائي!. هاڻ هليو آهي مُڙس پڙهي ڊگريون وٺڻ............
بحرحال چاچي آچو ماستر فيضو جي پڙهڻ تي ان وقت وڏو هُل هنگامو ڪيو هو پر سوڍي جي نهڪر اڳيان آچو جون رڙيون نه هليون هيون ۽ ماستر فيضو نيٺ ستين فائنل جو امتحان ڏئي ڳوٺ وريو هو جو گورنمينٽ کيس سرڪاري ماستري جو آرڊر ڏئي ڳوٺ ۾ اسڪول کولي ڏنو هو.
ماسي سڪينه کي ڪنهن ڪن ۾ ڳالهه وڌي هئي ته نورو ڦٿڪي پيو سو هڪ ساهيءَ ڀڄندي آئي هئي، مُرشد بودلي جي پيرن جي مٽيءَ کڻي اچي نوري جي ڇاتيءَ تي مليائين ته نوري اڃان اڳ کان وڌيڪ رڙيون ڪيون پريان ڪاڪي آميءَ هڪل ڪيس، “اي نڀاڳي ڇڏ کڻي ان مٽيءَ کي مڙس ٿو مري!”.
سڀئي وڏڙا، پوڙها، زائفائون نوري کي تڙپندو ڏسي جُهري پيون هيون، ڳوٺ جي ويجهو ميلن تائين ڪو ڊاڪٽر ڪونه هو سو ڳوٺ وارن جي ذهن ۾ ڊاڪٽر جو خيال به ڪونه هو. فيضو ڀر واري ڳوٺ ڏي ٻه ڇوڪرا ڀڄايا ته وڃي حڪيم صاحب وٺي اچن سي به اڃان نه وريا هئا.
سڀني جو ساهه مُٺ ۾ هو، ڪنهن سڙٻاٽ ڪيو، “ڪلهه نورو ڏينهن تتيءَ جو کٻڙ جي وڻ هيٺيان سُتو پيو هو!”. ڪاڪي آميءَ هڪل ڪئي، “پڪ نوري کي جِن لڳو آهي سائين مُجن فقير کي وٺي اچو”.
اڃان اهي سڙٻاٽ هليا پئي ته حڪيم به اچي پهتو هو، نسن کي هٿ لائي ٻانهن کي هيٺ مٿي ڪري ٻه ڦڪيون ڪاغذ جي پرچي ۾ ويڙهي ڏنئيين چئي صبح شام کارايوس. حڪيم ڦڪيون ڏئي هليو ويو، ائين نوري کي ڦڪيون کاراين پر ڦڪيون ڪو فرق نه ڪن!.
سڄي رات نورو تڙپندو رهيو. فيضو ويچارو هٿ وارو پکو کنيو سڄي رات سندس پيرانديءَ ويٺو رهيو پر نوري کان سُور گهٽ نه ٿيو. صبح جو سڀني جي صلاح تي سائين مُجن فقير کي وٺي آيا. سائين ڀلي گهوڙي تي بوسڪي جو وڳو پائي اچي پهتو هو. سڀ ڳوٺ وارا مُجن سائين کي واري واري سان پيرن تي هٿ رکي مليا پئي، فيضو پريان ڪُنڊ ۾ بيٺو هو، کيس انهن ڌاڳن ڦيڻن تي بلڪل به يقين ڪونه هو. نورو به انهن جنن ڀوتن کي ڪونه مڃيندو هو پر نورو ته سور ۾ ساڻو هو، فيضو به ڳوٺ وارن اڳيان ڪُجهه ڪُڇي ڪونه سگهيو.
سائين مُجن فقير ايندي ئي چيو، “سڀ پري ٿيو نوري تي دم ڪريان ته خبر پوي!”. سائين نوري جي مٿان چادر وڌي اکيون بند ڪري ڪجهه پڙهڻ لڳو. ٿوري دير کانپوءِ اکيون کولي وڏيون رڙيون ڪيون ۽ هوا ۾ هٿ هلائڻ لڳو. ڳوٺ وارا ويچارا سڀ ڊڄي ويا هئا. سائين مُجن ٿوري دير کان پوءِ سڀني کي مُخاطب ٿيندي چيو، “نوري کي جِنن جي سردار جِن وڏي ديو جو سايو ٿي پيو آهي، ان تي پڙهائي ڪري چِلو ڪٽڻو پوندو!”.
ڪاڪي آمي، سڪينه، آچو، فيضو اهو ٻُڌي سڀ پريشان ٿي ويا، مُجن فقير ڀُوري مينهن ڏي اشارو ڪندي چيو، “اها مينهن مون کي ڏيو آئون وڃي چِلو ڪٽيان!”.
فيضو مُرشد کي مينهن کولي ڏني، مُجن فقير پاڙهيٽو ڪيو، رات گُذري ٻيو ڏينهن ٿيو پر نورو ٺيڪ نه ٿيو.
فيضو فيصلو ڪيو ته نوري کي شهر جي وڏي اسپتال وٺي وڃي داخل ڪرائبو سو ٻئي ڏينهن نوري کي وٺي ڪراچي جي وڏي اسپتال آيو، اُتي ٽيسٽون ٿيون ته خبر پئي کيس گُڙدي ۾ پٿري آهي. فيضو نوري جي آپريشن ڪرائي پٿري ڪڍرائي جو نورو بلڪل صحتياب ٿي گهر آيو.
گهر پهچڻ کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته سندس ڀُوري مينهن غائب آهي. نوري فيضو کان پُڇيو. فيضو سڄو قصو ڪري ٻُڌايس. نورو چئي آئون اها مينهن ان ڍونگي مُرشد کان واپس وٺندس.
ٻه ڏينهن ڇڏي نوري بيماري جو بهانو ڪيو سو وري سائين مُجن فقير ڀلي گهوڙي تي اچي ڳوٺ پهتو. وري ساڳي انداز سان دم ڪري چيائين، “نوري تي اڃان جِن جو اثر آهي!”.
نوري به هڪل ڪري مُرشد ڏي لوهه پاتي اچي ڳِچي کان وٺي زمين تي دسيائينس، چئي ڍونگي منهنجي مينهن واپس ڪر جو مرشد قسم ڏئي پنهنجي جان بچائي. نوري مرشد جو گهوڙو جهلي ٻڌي ڇڏيو چيائينس، “منهنجي مينهن ڏئي پنهنجو گهوڙو ڪاهي وڃ”، ۽ مرشد مُجن فقير کي پنڌ روانو ڪيائين.
***