ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

فيس بُڪ

فيس بُڪ

پهريون ڏينهن؛
“ڪير!؟”.
آئون الاڻو پُٽ فلاڻو.......، تون ڪير؟”.
“آئون گُڏي..........
“جي اها ته مون کي به خبر آهي فيس بُڪ آءِ ڊي تي تنهنجو نالو پرنسيس گُڏي لکيل آهي پر اصل ڪير؟”.
“اصل کي تون ڇا ڪندين؟
“پر ڳالهائڻ لاءِ سُڃاڻپ جو هجڻ ته ضروري آهي نه!”.
“ها مان سُڃاڻپ به ڪرائينديس پهريان پاڻ هڪٻئي کي سمجهي ته وٺون”.
“اوڪي جيڪا تنهنجي مرضي!”.

ٻيو ڏينهن؛
“هاءِ...........
“هيلو.........
“جي ڪيئن آهين!؟”.
“جي خوش ڀڙ........ تون ٻُڌائي؟”.
“بس من مست لڳو پيو آهيان، ڪلهه کان وٺي رڳو تنهنجي يادن ۾ آهيان، رات به اصل هوش ئي ڪونه هو اُبتي ڪانچ پائي گهٽي ۾ نڪري ويو هئس!”.
“هل ڙي.......... ايتري دل نه لڳائي چريا..........
“بس دل ته لڳي وئي...........

ٽيون ڏينهن؛
“هاءِ.........
“هيلو ڪيئن آهين؟”.
“ڊييئر بس خوش باش لڳي پئي آهيان”.
“صفا چاڪڙي تندرست ويٺي ويٺي تنهنجي باري ۾ پئي سوچيم جو ميسيج اچي ٺڪاءُ ڪيو”.
چوٿون ڏينهن؛
“هاءِ.........
“هيلو جان توکان سواءِ هاڻ ٺُپ مزو نٿو اچي زندگي ۾!”.
“بس منهنجي به ساڳي حالت آ اصل ڦاٽل رلي ۾ ٻُوٿ وجهيو ويٺي تنهنجو رستو ڏسان!”.

پنجون ڏينهن؛
“جانو ڀلا هاڻ ته ڳالهائي!”.
“اصل تصوير موڪل نمبر ڏي جان!”.
“نمبر ڏيان ٿي پر ڪال تي نه ڳالهائيندس بس ميسيج تي ڳالهه ٿيندي!”.
“ٺيڪ جان...........

ڇهون ڏينهن؛
ميسيجن جي هڻ وٺ، مڙس ماني به ڪونه کاڌي، سڄي رات مڇرن پٽيس ۽ ميسيجن تي ڳالهائيائين.
ستون ڏينهن؛
“بئلنس موڪل جان............ سئو ويو، ٻه سئو ويا، هزار ويو، همراهه جي هڙ موڙي چٽ........

اٺون ڏينهن؛
نمبر بند سُورن ۾ ساڻو، صفا کائڻ پيئڻ ويو اصل اُلٽي دست لڳل ٻار وانگر اکيون ڏرا ڏئي ويس.

نائون ڏينهن؛
نمبر سان ڳولها شروع پر خبر نه پيس جانو جي...........

ڏهون ڏينهن؛
نمبرن واري آفيس ۾ دوست کي منٿون ڪري وڃي بايوڊيٽا ڪڍرايائين لکيل هو، “مرچُو پُٽ انب ذات شيدي ويٺل ڳوٺ ويسرو!”.
هل ڙي..... مڙس مرندي بچيو اصل فيس بُڪ اڏ اُگهي ڇڏيس!. مرچو شيدي ۽ مارڪ زڪر برگ کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون ڏنائين جهنگ ۾ وڃي ڊنڍڪريون ڏئي رُنو.
***