ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

مُرشد

مُرشد

“اڙي سڀائي جلدي ڪر ٿانءُ ڌو ٻُهاري ڪڍ!”.
“ها ماسي ڌُوئان ٿي”.
“اڙي جلدي ڪر ته هلڻو آهي”.
“ماسي ڪيڏانهن هلڻو آهي؟”.
“اڙي پِٽئي هلئون ٿيون مُرشد سائين گيدوڙي فقير جي درگاهه تي سڄي عمر ائين اڪيلي سُنڍ ڀڀ ڪڍيو پئي هوندين ڇا!؟. تو ۾ ته ٻار ڄڻڻ جو لڇڻ ڪونهي مُرشد جي پيراندي کان هلي مٿو ٽيڪيان ته شل نڀاڳ لهئي!”.
سڀائي ماسي جون زهر ڀريون ڳالهيون ٻُڌي ماٺ ڪري ڪم ۾ لڳي وئي، ڪم کان فارغ ٿي ته ماسي چيس، “هل ته هلئون جلدي ڪر اڄ سائو سُومار آهي درگاهه تي ويهڻ جي جڳهه به ڪونه ملندي!”.
سڀائيءَ ۽ ماسي تيار ٿي پُٽ جي باس کڻي اچي سائين گيدوڙي فقير جي درگاهه تي پهتيون. درگاهه تي ماين جو تعداد وڌيو پئي. سڀ سائين جي در تي سوالي من ۾ آسون کڻي اچي پهتيون هيون. مرشد سائين گيدوڙي فقير جي درگاهه جو گادي نشين سائين لونگ فقير اکيون چرس جي نشي ۾ ڳاڙهيون چار پنج مريدن سان اچي درگاهه تي مريدن کي زيارت ڪرائڻ پهتو.
ماسي به سڀائيءَ کي وٺي وڃي پيرن کان ويٺس، “مُرشد هي منهنجي نُنهن آهي صفا اولاد نٿو ٿئيس......... مُرشد ڪا دُعا ڏيوس!”.
لونگ فقير سڀائيءَ جي ڇاتيءَ ۾ اکيون وجهي جو تڪيس ته سڀائيءَ سڄي هيسجي وئي. لونگ فقير سڀائيءَ جي سڄي جسم جو جائزو وٺندي اکيون پوري ماسيءَ کي چيو، “ماسيءَ هن ڇوڪري کي ڏاڏا سائين گيدوڙي فقير جون ست سومر مٽيون ڀرڻيون پونديون ته اولاد ٿيندس!”.
ماسي اڳي اولاد جي سڪايل سو حاضر مُرشد جي مُرشد ڪري پُٺئين پير هلندي وڃي پوئتي ويٺي. سڀائي، “ماسيءَ هاڻ هلون گهر؟”.
ماسي، “ڇوري ڇو اچي ڇِتي ٿي آهين!، ٻُڌئي ڪونه مُرشد ڇا چيو؟، پاڻ کي ست سُومر اتي ئي رات رهڻي آ”.
سڀائي ماسي جي ڊِڄ کان چُپ ڪري ويهي رهي، مُرشد لونگ فقير چِلم مان دونهان ڪڍندي، “اڙي خُدو ان ڇوري کي اوطاق واري پاسي رهائجان وڌيڪ خبر اٿئي نه...... ائين نه ٿئي مون وارو نينگر بودلو اڳي ڀينگ نه ڪري وڃي!”.
خُدو، “نه مُرشد اصل توهان فڪر ئي نه ڪريو نه!. اها ڇوري توهان جي آ اڄ رات”.
خُدو ماسيءَ ۽ سڀائيءَ کي اوطاق جي پاسي ۾ رهايو، ماسيءَ کي ماني ۾ هڪ گوري کارائي ڇڏي، رات آڌيءَ جو خُدو اچي سڀائي کي اُٿاريو، “هل ڇوري مُرشد ڦيڻي رکڻ لاءِ گهرايو اٿئي!”.
سڀائي، “ماسي.......... او ماسي...........
پر ماسي ننڊ ۾ غش آواز نه ڏنائين، خُدو، “ڇوري ماسي کي ڇڏ سُمهڻ ڏي تون اچ بس!”.
سڀائي ڏڪندي ڏڪندي حُجري ۾ داخل ٿي، مُرشد لونگ فقير جنهن شام کان چِلمون پئي پيتيون وري ڀنگ وٽو ۽ هاڻ امپورٽڊ وِسڪي ويٺي پيتي، ڳاڙهين اکين سان خُدو کي نڪري وڃڻ جو اشارو ڪيو. اوريجنل انڊين وياگرا مُرشد اڳ ۾ ئي ورتي هئي، مُرشد سڀائيءَ کي ويجهو ڪيو............
صبح جو سڀائي ٿڙندي ٿاٻڙندي حُجري مان نڪتي، گُهنج پيل ڪپڙا، سُور کان ڪڙهندي ماسي، “شُڪر آ مالڪ جو امان مُرشد ڦيڻو رکيو............
سڀائي ڪجهه نه ڪُڇي بس سُور کان پير نه پئي کڄيس ٻئي طرف ماسي مُرشد کي دعائون ڏيندي سڀائيءَ کي گهر وٺي آئي.
***