ننڍو صاحب
“شرفو او شرفو....... ڪٿي مري وئين!”.، ننڍو صاحب وڏي آواز سان اوطاق ۾ شرفو کي سڏ ڪري رهيو هو. شرفو ويچارو به ڇا ڪري!. پنج منٽ پهريان ئي پاڻ وسڪي وٺڻ موڪليو هئائينس. واپس آيو ته صدوري گن مين هڪل ڪيس، “شرفو ننڍو صاحب اصل تنهنجي مٿان تپيو پيو اٿئي، رڙيون پيو ڪري.
شرفو پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندي، “شرفو ڇا ڪري؟. وڏي رئيس ۽ ننڍي صاحب ڀڄائي ڀڄائي اصل منهنجيون کُڙيون ئي گسائي ڇڏيون آهن”. ويچارو شرفو ڊڄندو اوطاق جي ڪمري ۾ ويو. ننڍو صاحب، “اڙي شرفو ڪٿي مري وئين ڪڏهن کان پيو سڏ ڪريان ٻوڙو ٿي ويو آهين ڇا ڪُتا”.
۽ الائي ڪهڙيون ڪهڙيون گاريون ڏنائينس. شرفو ويچارو چُپ چاپ ٻُڌندو رهيو. صاحب گاريون ڏئي ڍئو ڪيو ته ڪجهه ٿڌو ٿيو. شرفو کي سڏ ڪندي، “اڙي شراب ته وٺي آئين هاڻ شباب جو بندوبست ڪير ڪندو؟”.
صاحب هزار جو نوٽ ڪڍي ڏنس ته شرفو پيلا ڏند کڻي ڪڍيا ۽ سڀ مليل گاريون وسري ويس، “صاحب بندوبست ٿي ويندو هُوءَ رضيه آهي نه جنهن کان اڳئين دفعي ڇوري کڻي آيا هئاسين سائين ان ڏي وڃان ٿو”.
صاحب، “نه نه شرفو...... اُن وٽ مال مزي جو ڪونهي، پُٺئين دفعي به ڇوريءَ اڌ رات ته روئڻ ۾ وڃائي ڇڏي هئي، تون هيئن ڪر “مِينا” ڏي وڃ اُتان ڇوريءَ کڻي اچ!”.
شرفو مِينا جو نالو ٻُڌي ٿورو گهٻرائجي ويو. ننڍو صاحب ٻاهرين ملڪ مان وڏي ڊگري وٺي آيو هو، رئيس وڏي گهڻئي ملڪيت ٺاهي هئي سو نوڪري جي ته ضرورت هئس ڪونه ويٺو عياشيون ڪندو هو. ننڍو صاحب، “شرفو ٻُڌو ڪونه تو؟؟”.
شرفو هٻڪندي، “پر سائين..........
صاحب، “پر وري ڇا؟، تو کي چيم نه وڃي ڇوري کڻي اچ مِينا کان”.
“صاحب “مِينا” رئيس وڏي جي ويهاريل آهي، رئيس کي اگر خبر پئي ته منهنجو ته سر ويو..........
“اڙي رئيس وڏو اسلام آباد ويل آهي، تون وڃ ۽ وڃي مِينا واري ڇوري کڻي اچ!”.
شرفو ويو ۽ مِينا کي ننڍي صاحب جو نياپو ڏئي سندس ننڍي ڇوري کڻي آيو. صاحب نشي ۾ ڌُت هجي کيس هڪ “شاٽ” هڻي ويٺو هو. هُوءَ سندس پيراندي کان ويٺي کيس جسم تي ٿڌڙا ڪڍي رهي هئي ۽ کيس ٻئي “شاٽ” لاءِ تيار ڪري رهي هئي. ننڍي صاحب کي الئي ڇا “من” ۾ سُجهيو جو پُڇي ويٺس، “ڇوري ٻُڌ توهان سڀ ڌنڌو ڪريو؟”.
“نه صاحب اسان وٽ صرف امان اهو ڪم ڪندي هئي، اسان ته رئيس وڏي جا غلام آهيون، توهان جو نياپو آيو ته منع ڪونه ڪري سگهياسين!”.
“اڇا پڻهين ڇا ڪندو آهي؟”.
“سائين اسان جو پيءُ ناهي!”.
“ڇو؟، ڪيڏانهن مري ويو!؟”.
“سائين “امان” کي رئيس وڏي شادي ڪرڻ ئي ڪونه ڏني”.
“ننڍي صاحب” جو دماغ چڪرائجڻ لڳو، نشا اُڏامي ويس، ٻنهي هٿن سان مٿو جهلي ويهي رهيو، “مِينا” رئيس وڏي جي ويهاريل هئي، هيءَ ڇوري رشتي ۾ سندس “ڀيڻ” پئي لڳي........
***