ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

ووٽ

ووٽ

گاڏيون ڀرجن پيون، ڳوٺ ۾ وڏي بس بيٺل آهي، وڏيرو موسو ايم پي اي جو اميدوار آ. وڏي هلندي پُڄندي وارو مُڙس آ، پارٽي چيئرمين سان صفا ويجهو رشتو اٿس، اصل ايترا ويجها آهن جو هڪ ئي گلاس ۾ مئي جا ڍُڪ گڏ پيئندا آهن.
پئسو ٺاهڻ جو وڏو جنون اٿس، عياشي رت ۾ شامل اٿس، گري گنجي کي پُڇندو ئي ناهي باقي ڏاڍي جون مٽيون ڀريندو آهي. وڏيري موسي جي اليڪشن مهم ۾ پنج ماڻهو مارجي ويا هئا پر پاڻ سندن تڏي تي لڙي به ڪونه ويو. چئي، “اهي سڀ منهنجا غلام آهن، منهنجي لاءِ قرباني ڏني اٿن”.
جنهن رات جهيڙو ٿيو هو ۽ ماڻهو مُئا هئا ان رات وڏيري موسي انگريزي شراب سان انگريزي ڇوڪريون به گهرايون هيون. هوڏانهن ماڻهو مرندا رهيا هيڏانهن وڏيرو شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي نچندو رهيو.
اليڪشن جو ڏينهن به وڏي گرما گرمي وارو هوندو آهي، غريب غربو سمجهندو آهي ته اهو ڏينهن اسان لاءِ تبديلي ۽ نجات وارو ڏينهن آهي پر اليڪشني ڀوتار ان ڏينهن کي واسڪوٽي تبديل ڪرڻ جو ڏينهن سمجهندا آهن. ان ڏينهن اهو عهد ڪندا آهن ته هاڻ اڳ کان اڳرو ٿي رت پيئڻو آهي ۽ ڪرپشن جا ريڪارڊ قائم ڪرڻا آهن.
اليڪشن جو ڏينهن به آيو، ووٽ ٿيا، وڏيرو موسو اليڪشن اڪثريت سان کٽي ويو، جيئن اليڪشن کٽيو ته سڌو ڪراچي نڪري ويو ۽ سال کان پوءِ تر ۾ واپس وريو. اڄ وڏيري جي اوطاق تي رش آهي، راڄ جا سڀ غريب غربا سندس سلامي آهن. هر ماڻهو پنهنجا مسئلا پيو بيان ڪري پر موسو خان موبائل تي لڳو پيو آ، ڪنهن جي ڳالهه نه پيو ٻُڌي.
فقيري چيس، “سائين اسان سان ظُلم لڳو پيو آ اسان جي ڪا واهر ڪريو، سائين اسان وٽ اسڪول ناهي، لائٽ ناهي، پيئڻ جو پاڻي به ڪونه ٿو اچي، پوليس به ناحق تنگ پئي ڪري سائين ڪا واهر ڪريو!”.
پر موسو جيئن جو تيئن موبائل ۾ اکيون کُپايو ويٺو آ. فقيري جذباتي ٿيندي، “سائين اسان سڄي عمر توهان کي ووٽ ڏنا آهن”. ووٽ جو نالو ٻُڌي موسى خان جون ڪاوڙ ۾ اکيون لال ٿي ويون ۽ فقيري ڏي ڏسي چيائينس، “اڙي “ڪُتا” تنهنجي “ووٽ” تي آئون پيشاب ڪندو آهيان نڪر هتان..................
***