نيڪ
پريان کان ڳاڙهي ڏاڙهي واري مُلي جي پُٺيان اڇين ڪارين ننڍين دُن جيتري ڏاڙهين جي فوج بيٺل هئي، اهي سڀ جا سڀ گڏ ڳالهائڻ شروع ٿي ويا، “هي باگڙياڻي ڪافر آهي، هن ڪُفر ڪيو آهي اسان هن کي نه ڇڏينداسين”.
ڳاڙهي ڏاڙهي واري جنريٽر جهڙي مُلان اڳتي وڌندي چيو، “اسان “نيڪ” نمازي پرهيزگار ماڻهو آهيون، هن اسان جي ڪولر مان اسان جي گلاس سان پاڻي پيتو آهي، هي ڪافرياڻي آهي اسان ڪونه ڇڏينداسين!”.
باگڙياڻي ويچاري ڊائنوسار جهڙن مُلن اڳيان ننڍڙي سائيز جي پتڪڙي “ريوڙي” پئي لڳي. جنهن مُلان جو اهو دُڪان هو ان کي علي به سُڃاڻيندو هو ۽ خبر هئس ته مُلان مسجد مان چوري واري لائٽ هلائيندو هو ۽ اٽي ۾ به بوسو ملائيندو آهي ۽ شين جا ريٽ پنهنجي مرضي سان فڪس ڪندو هو پر هو وڏو نيڪ، سندس ايمان خطري ۾ هو، ڪافرياڻي سندس دين کي للڪاريو هو.
علي کين چيو، “آئون توهان کي ڪولر ۽ گلاس نئون ٿو وٺي ڏيان، هن معصوم کان غلطي ٿي وئي هن کي معاف ڪريو”. مُلان نئين ڪولر گلاس جي ڳالهه ٻُڌي ٿڌا ٿيا، دُڪان واري مُلان ڏاڙهي ۽ پيٽ تي هٿ ڦيريندي چيو، “ٺيڪ آ”.
علي باگڙياڻي کي چيو، “ڀلا هاڻ اهو پُراڻو ڪولر ۽ گلاس تون کڻي وڃ”. باگڙياڻي ڏند ٽيڙيندي چيو، “اي صاحب هُو مُلو مئل جو ڪفن ڪونه ڇڏيندو اهو جڳ گلاس ڪٿي ڏيندو!”.
علي ڏٺو ته مُلان واقعي ٻئي ڪولر کڻي اندر رکي ڇڏيا، علي روانو ٿي ويو، باگڙياڻي وري پِنڻ کي لڳي وئي، ڳاڙهي ڏاڙهي واري مُلان اڄ وري “دين” کي بچائي ورتو.
***