فقير
“الله جي نالي تي ڪا خيرات جي ذري ڏيو بابا...... الله خوش ڪندو، قلندر جو فقير در تي آيو آهي...... بابا حق علي ڀلي ڪندو........ بابا خير ڏيو بابا.....
فقير در تي صدائن جي ڌُم لڳايو بيٺو هو، قد ڪاٺ ۾ “بگ شو” ريسلر جهڙو پئي لڳو، وڏي ڪاري قميص، ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ رنگ برنگي پٿرن واريون مُنڊيون پاتل، “او امان...... او ادي خير ڏيو بابا......
اچانڪ آهستي سان ٿورو در جو تاڪ کُليو، اندريان سُهڻي سيبتي پڪي عمر جي پڙهيل لکيل عورت هٿ وڌائي فقير کي ڏهن رپين جو نوٽ ڏنو، فقير هڪل ڪئي، “او امان اسان ڏهه رپئي وارا ناهيون........... اسان قلندر جي نگري جا علي علي ڪرڻ وارا فقير آهيون... امان ڪو سئو جو نوٽ ڏي ته ڪو توهان جي نالي سان درگاهه شريف تي خير خيرات ڪيان.”.
عورت فقير جي ڳالهه ٻُڌي دروازي مان ٻاهر نڪري آئي، “ڇو فقير تون اسان جي نالي سان خيرات ڇو ڪندين؟. اسان ڪو مري ويا آهيون ڇا؟ ۽ ها ٻُڌ تون جي ايڏو نه پُهتل هُجين ها ته ڏنڊو هٿ ۾ کڻي ڳليءَ ڳليءَ “ڌِڪا” ڪونه کائين ها ماٺ ڪري ڏهه رپيا وٺ ۽ وڃي ڪا محنت مزدوري ڪر، خوامخاهه ۾ اچي خوار ٿيو آهين “پِن” جي پُٺيان......
دروازو بند ٿي ويو، فقير جو مُنهن تيڪ لڳل ٻڪري جهڙو ٿي پيو.
***