ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

تعويذ

تعويذ

“جيجان مون کي تعويذ لکي ڏي!”.
“ڇو ڇوري گُلان؟، پوئين هفتي ته تون تعويذ وٺي وئي آهين وري ڇا جو تعويذ!؟؟”.
گُلان، “جيجان اهو مسئلو اڃان حل ناهي ٿيو!”.
جيجان دلچسپي وٺندي، “گُلان سچي ٻُڌائي تعويذ کان پوءِ به مُڙس هٿ نه لاتئي؟”.
“جيجان نُور ڀٽاري جو قسم رات جو پُٺي ڏيو سُتو پيو هوندو آهي مجال جو پيار مان ڏسي سهي!.”
“ڇوري پوءِ تون ئي ٿوري همٿ ڪندي ڪر نه.”.
“جيجان ڪلهه رات به ڀاڪر پاتومانس ته ڌِڪي پري ڪري ڇڏيائين!”. جيجان ڀاڪر جو لفظ ٻُڌو ته جسم مان سيسراٽيون نڪري ويس، گُلان، “جيجان ڪو اهڙو تعويذ ڏي جو منهنجو مُڙس وري مون سان روز پيار ڪري.”.
روز پيار وار ڳالهه ٻُڌي جيجان جي دل تيز ڌڙڪڻ شروع ٿي وئي، جيجان وڏي سائين جي پنجين زال هئي گُلان جون ڳالهيون ٻُڌڻ کان پوءِ جيجان سوچ ۾ گُم ٿي وئي ذهن ۾ تري آيس ته سڀ ڪجهه گُلان کي ٻُڌائي ڇڏي پر وري پنهنجي مان مرتبي جو سوچي چُپ ٿي وئي ۽ من ئي من ۾ سوچڻ لڳي ته آئون ڪنهن کان تعويذ وٺان؟. مون کي ڪير تعويذ ڏيندو ۽ ان تعويذ ۾ اهڙي دوا ڪير وجهي ڏيندو جنهن سان وڏي سائين جي ويل جواني موٽي اچي ۽ مون کي به روز پيار نصيب ٿئي!”.
جيجان ڪاٺ جي ننڍي صندوق مان پني جو ٽُڪرو ڪڍيو ۽ قلم سان اونڌا سِڌا ليڪا پائي گُلان کي ڏيندي چيو، “ڇوري سُمهڻ مهل مٿاڙ کان رکجانس”.
گُلان جي جيجان چئي ڳنڍ ڇوڙي هڪ سائو نوٽ جيجان جي پيرن ۾ رکيو ۽ پُٺئين پير ڪمري مان نڪري وئي، جيجان وڏي آهه ڀري ۽ آهه سان گڏ ٻه گرم لُڙڪ اچي جهولي ۾ ڪريس.
***