ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

پاڪ پويتر

پاڪ پويتر

اُن وقت عمر ويهه سال کن مس ٿيندس جڏهن سڳورن جي گهر لائٽ ٺاهڻ ويو هو. ابي وڃڻ کان اڳ ۾ هدايت ڪندي چيو هئس، “پُٽ ڪنڌ هيٺ ڪري وڃجان، هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسجان، پنهنجو ڪم ڪري جلدي واپس نڪري اچجان، هُو “پاڪ پويتر” آهن اسان سندن مُريد آهيون ڪِنا ڪوجها.................
کيس اهي ڳالهيون سمجهه ۾ نه آيون هيون ته اسان واري مُرشد کي ته ٻه هٿ، پير، اکيون، ڪن، نڪ آهي ته مون کي به ساڳا آهن پوءِ هُو پاڪ اسان ميرا ڪيئن ٿياسين!؟.
ان سوال پُڇڻ ڪري ٻه دفعا ابي جي هٿان مار به کاڌي هئين پر سوال هو سو سندس من ۾ مانڌاڻ مچايو بيٺو هو. پاڻ ڪئي دفعا ماستر ڏني کان به اُها ڳالهه پُڇي هئين پر ماستر به ڪو مطمعن ڪندڙ جواب نه ڏنو هو. سو اڄ حويلي ۾ ويندي ٿورو خوف به ٿيو هئس پر وري همٿ ڪري هليو ويو هو ته جلدي ورندس.
لائٽ جيجان جي ڪمري جي خراب هئي، هن ڪنڌ هيٺ ڪري جلدي جلدي لائٽ سيٽ ڪري ورتي هئي ۽ پوئين پير ٻاهر نڪري آيو هو. رات پنهنجي زال سان ڀاڪر ڀريندي سوچي رهيو هو ته هُو پاڪ پويتر آهن سندن جسم تي اهڙو الائي ڇا هوندو!!.
جيجان جي ڪمري جي لائٽ وري خراب ٿي پئي هئي، نوڪرياڻي اڄ وري هن کي وٺڻ آئي هئي، هن وري نظرون جُهڪائي پنهنجو ڪم پورو ڪري ورتو هو. اصل ۾ جيجان سائين جي وڏي ڀيڻ هئي جنهن جي شادي ٿيل نه هئي ۽ ڪُنواري ويٺل هُئي.
لائٽ خراب ٿيندي رهي هي ويندو رهيو، کيس ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيو ته کيس ڪو لڪي لڪي چتائي ڏسي رهيو آهي!.
لائٽ وري خراب ٿي پئي هئي هي ڪنڌ هيٺ ڪري ڪم ڪري رهيو هو اوچتو ڪنهن ڪنڌ تي هٿ رکيس سڄو ڏڪي ويو. پوئتي نهاريائين ته هڪ خوبصورت اپسرا، وڏين ويڪرين اکين، گول چهري سان بيٺل هئي. پاڻ سمجهي نه سگهيو سو سواليه نظرن سان نهارڻ لڳو. جيجان سمجهي وئي کيس ٻانهن کان جهليندي بيڊ تي ويهاري چيائين، “مان سائين جي ڀيڻ آهيان، هي منهنجو ڪمرو آهي!”.
هي ڊِڄ ۾ ڏڪڻ لڳو جيجان کيس ٻانهن کان وٺي سيني سان لڳائي ورتو.
اڄ تيز تيز وکون کڻندو حويلي مان نڪري آيو هو ۽ اچي گُهوري گُهوري پنهنجي زال کي ڏسڻ لڳو، چپن ۾ ڀُڻڪڻ لڳو، “فرق ڪٿي آهي “پاڪ پويتر” ۽ تو ۾...............
***