هڪ بي رِيا ليکڪ
منهنجو خيال آهي ته، سٺي ڪهاڻيء جي هڪ سڃاڻپ اها به هوندي آهي، ته ان ڪهاڻيء َجا پيرَ، ان موضوع، ماحول ۽ سماج ۾ پُختا کُتل هجن، جنهن سماجي بِيهڪ مطابق ۽ موضوع تحت ڪهاڻي لکيل هجي. جيڪڏهن ڪهاڻيءَ جو موضوع نِج سماجي هجي ته، ڪهاڻيءَ جي سئو سيڪڙو مطابقت پنهنجي دور سان هئڻ لازمي هوندي آهي. جيئن ايندڙ وقت ۾ اهاڪهاڻي، پنهنجي ”سِرججَڻ واري دور“ کي ھر حوالي سان re present ڪري سگهي. ان حوالي سان ننڍي کنڊ ۾ سعادت حسين مَنٽو، ڪرشن چندر، عِصمت چُغتائي ۽ واجده تبسم جون ڪهاڻيون لازوال آهن. سنڌي ادب جي ڪهاڻيءَ جي شينهن جي جيڪا تَربيت جمال ابڙي ڪئي هئي. يا نسيم کرل سنڌي ڪهاڻيءَ جي سَرڪش گهوڙي کي پنهنجي طنبيلي جو وِهٽُ ڪري پاليو هو. منهنجو شعور اڄ به ان شاهڪار ڪم تي حيران حيران آهي. جمال ابڙي صاحب جي صرف سَترنهن ڪهاڻين جي داخل ڪيل دُڪي، ٻين جي مَڻين محبتن کي مات ڏئي ڇڏي آهي. جمال ابڙي جي سِٽ سِٽ ” ڪوزي ۾ دريا“ جي سڀ کان بهترين سمجهاڻي آهي! ته ٻئي پاسي نسيم کرل جي ڪهاڻيءَ جي ٻولي ۽ واردات هڪ اهڙو آب حيات آهي، جنهن مان دِل ڍاپجي ئي نٿي ! انهن کانپوءِ به سنڌي ادب ۾ شاهڪار ڪهاڻيون لکيون ويون آهن. جن ۾ شيخ اياز، عبدالقادر جوڻيجو، امر جليل، اياز قادري، نجم عباسي، شوڪت شورو، ماڻڪ ۽ نورلهدا شاھ قابل ذڪر آهن. سڄي دنيا وانگر اسان وٽ به ڪهاڻي بنا وقفي لکجي رهي آهي، ۽ لکجندي رهندي باقي ان لکجندڙ ڪهاڻيءَ ۾ ”ڪهاڻي پَڻو“ ڪيترو آهي ؟ ان جو درست فيصلو ته ايندڙ وقت جا پڙهندڙ ۽ نقاد ئي ڪندا.
ليکڪ سماج جو سڀ کان وڌيڪ حساس ماڻهو هوندو آهي، تنهنڪري مَٿس زماني جي سردين گرمين جو اثر گِهرو ٿيندو آهي. جنهن جو ردِ عمل هو پنهنجين لکڻين ۾ ظاهر ڪندو آهي. هر سچي ۽ سنجيده ليکڪ جو اهو اولين فرض هوندو آهي، ته هو پنهنجن سمورين مجبورين ۽ مصلحتن کان گهڻو مٿڀرو ٿي پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي دور جي حالتن جي حقيقي تصويرن جا ٻئي پاسا ڏيکاري. سو منهنجي شهر جي نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو به سنڌي ڪھاڻيء جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪهاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نه صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ ته اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي. لکڻين جي حوالي سان سندس هڪ پهلو تي سوچيندي، منهنجي سوچ اڳيان هميشه سواليه ۽ عجب جي نشاني اچي ويندي آهي ته ” سيڪس انسان جو فطري حق آهي، ۽ ”بي الرضا” سماجي پس منظر ۾ مهذب پڻي جي زُمري به اچي ٿو ۽ مرتضٰي وڏي بي باقي ۽ بي ڊپائي سان ان موضوع تي لکيو آهي.
مُرتضى روشن ذهن، آزاد خيال نوجوان آهي، سندس ڪهاڻين جو هيءُ پهريون مجموعو آهي، جيڪو يقينن پڙهندڙن ۾ پنهنجو جائز مقام به ٺاهيندو ۽ ايندڙ دور ۾ هلندڙ دور جي ترجماني به ڪندو....
[b]ميان گل محمد ڪلهوڙو
[/b]