ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

حاڪم 

هُو نه ته ڪنهن رياست جو حاڪم هو نه وري سچ ۾ سندس ڪنهن ملڪ تي حڪومت هئي پر پوءِ به هُو حاڪم هو ۽ رياست اندر رياست قائم ڪري ويٺل هو. سندس دهشت مشهور هئي، سندس نالو ٻڌي ڏوهاري ٽهڪ ڏئي کلندا هئا، باقي شريف ماڻهن جو پيشاب نڪري ويندو هو.
هُو بد مست هاٿي “پوليس آفيسر” هو، تازو سندس بدلي سي آئي سينٽر ۾ ٿي هئي. سندس نظر ڳوٺ جي هر ان ماڻهو تي هئي جنهن وٽ ٻه رپيا هئا.
هن جو طريقه واردات اهو هو ته پهريان پنهنجن وانٺن کان جانچ ڪرائيندو هو ته ڪنهن وٽ ڪيترو پئسو آهي، پوءِ ان ماڻهو کي بغير ڪيس جي کڻي داٻا ڌمڪيون ڏئي پئسا وصول ڪندو هو.
شهمير ٽريڪٽر هلائيندو هو، سندس چار ٽريڪٽر هئا، پئسي ڏوڪڙ جي حساب سان تمام گهڻو سُکيو ستابو هو، هڪ رات جيئن ٻنيءَ تان واپس پئي آيو ته سامهون کان ٻه پوليس موبائلن تي سوار پوليس گهيرو ڪري روڪي ورتس.
هن رڙيون ڪيون ته بابا آئون ٻنيءَ تان هر کيڙي واپس پيو اچان، آئون شريف ماڻهو آهيان پر صاحب ته اڳي ئي پري پلاننگ سان گهيرو ڪيو هو سو کڻي اچي جهنگ ۾ ٺهيل اوطاق ۾ بند ڪيائينس ته هُن اتي به رڙيون ڪيون، جنهن تي آفيسر سخت تشدد ڪندي چيس، “ته تو خون ڪيو آهي!”.
هي رڙيون ڪندو روئندو رهيو ته، “سائين مون ڪڏهن مک به ڪونهي ماري!”، پر صاحب تشدد ڪندو رهيو، جڏهن ٿڪي پيو ته سپاهين کي چيائين، “هن جون اکيون ٻڌو”.
سپاهين هن جون اکيون ٻڌيون ۽ هن کي کڻي اچي جهنگ ۾ بيهارين.
صاحب حُڪم ڪيو ته، “هن کي “اِنڪائونٽر” ڪيو!”.
هن رائيفل چيمبر ٿيڻ جو آواز ٻُڌو ته ڊِڄ سبب ڪري پيو ۽ روئڻ لڳو. صاحب کي منٿ ڪندي چيائين، “سائين جيڪو کپي ڏيڻ لاءِ تيار آهيان منهنجي جان بخش ڪريو!”.
صاحب وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو ۽ وڏي آواز سان هڪل ڪيائين، “اڙي ڇورا.... اکيون کوليوس ڪم ٿي ويو.........
***