ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

شاعر ۽ ڊسمبر 

جُمعون عُرف جُمن گهايل ڪهاڙو شاعر هو. دنيا جي ته کيس خبر نه هئي پر ڳوٺ ۽ تر جا سڀ ٽرڙا ڇورا سندس شاعري جا عاشق هئا. اُهي پوڙها، پڪا اڌڙوٽ جيڪي هاڻ فائر ڪرڻ جي پوزيشن مان نڪرندا پئي ويا اُهي به جُمعي گهايل جي شاعري فيس بُڪ تي سُهڻن ڦوٽن وارين مائين کي سيٽ ڪرڻ لاءِ انباڪس ۾ ڪُتب آڻيندا هئا.
جُمعون گهايل اڻ سڌي طرح پارٽنر فلم جي سلمان خان وانگر “لو گُرو” بڻجي پيو هو!.
اڄ جُمعي ڦاٽڪ تي ويهي ايندڙ ويندڙ ٽرينن کي پئي ڏٺو ۽ ٽرين جي درين مان ٻاهر نهاريندڙ ماين کي چٻري وانگر ڏسندي خيالن جي گهوڙي کي ڊوڙائي ڊسمبر جي ٿڌ ۽ محبوبا تي نئون شعر لکڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين پر سندس ٺرڪي شاعري جو ڪيڙو دماغ مان الائي ڪيڏانهن گُم ٿي ويو هئس!.
سوچيندي سوچيندي سج لهي ويس پر نئون شعر تخليق ٿي نه سگهيو. ڦاٽڪ تان اُٿي چئونڪ کان ٿيندو، گهٽيون لتاڙيندو رات جو اچي گهر پهتو ته پڻس ڪچيون گاريون ڏيندي آڌر ڀاءُ ڪيس پر هي به هو عاشقي شاعر سو بي عزتي کي نه ليکيندي سڌو وڃي چُلهه جي ڀر ۾ پاٽ هيٺيان پيل ماني تي ڪاهه ڪيائين.
ماني کائي پيٽ ڀري اچي مال جي وٿاڻ ۾ پيل کٽ تي پاڻ کي اڇلايائين ۽ سُمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو، کٽ تي ڦٿڪندي ڦٿڪندي پاسا ورائيندي فيس بُڪ تي رکيل پنهنجي سڄي ٺرڪي شاعري پڙهي ويو. رات جا چار اچي ٿيا هئا، ڊسمبر جي رات، اُتر جي هوا سان سيءُ پاسا پئي ڪڍيس، مٿان فيس بُڪ تي مائين جون تصويرون ڏسي ڏسي صفا رومانٽڪ ٿي پيو هو، اهڙي حالت ۾ تصوراتي محبوبا سان ملڻ جا پُور پچائيندي تڙپ وڌي انتها تي پهچي ويس ۽ نيٺ اُهو ٿيو، جنهن جي اُميد هئي صبح جو فيس بُڪ تي جمعي گهايل جو محبوبا ۽ ڊسمبر تي نئون شعر پوسٽ ٿيل هو.......
رات تنهائي ياد تنهنجي آئي، ڦاسڻ ڦٿڪڻ پاسن سُور وڌايو
کٽ جي واڏڻ ۽ تنهنجي ياد، هاءِ ڊسمبر جيءُ جلايو
***