بريڪ اپ
اڄ هُن جي ذهني عذاب ۽ پيڙاءُ جو سبب هن جو پيار هو. هن زندگي ۾ صرف هڪ ئي ڇوڪري کي چاهيو هو. اُها هئي “ثانيه!”.
هُوءَ سندس من مندر جي ڀڳوان هئي، هُوءَ جنهن جي مُرڪ سان سندس صُبح ٿيندو هو، هُوءَ جنهن جي “ٽهڪن” سان رات گُذرندي هئي. هُوءَ جنهن جون فون تي نل لکين “چُميون” هن جي انگ انگ تي ڪنهن پيراگراف جيئان لکيل هيون، هُوءَ جنهن سان هي بيحد گهڻو پيار ڪندو هو. هُوءَ جنهن سان هن دور ۾ به ڪڏهن هن جسماني لالچ يا رشتو نه رکيو هو.
هُوءَ به هن کي بيحد گهڻو چاهيندي هئي. اڄ ڪئي سالن ۾ پهريون دفعو ائين ٿيو هو جو مسلسل ٻيو ڏينهن گذريو هو هُن جي ڪال نه آئي هئي. سندس انتظار ۾ تڙپيو پئي ۽ موبائيل اسڪرين ۾ اکيون کُپايو ويٺو هو.
رات جا يارنهن ٿيا هئا، هن ڪمري ۾ لڳل وال ڪلاڪ تي نظر وڌي. عمومن رات جو ڏهه وڳي تائين هُن جي ڪال اچي ويندي هئس. هي اُداس سوچن ۾ گُم سُم ويٺو هو ته اچانڪ سندس موبائيل تي هڪ نئين نمبر تان ڪال اچڻ لڳي. هن ڪال اٽينڊ ڪري هيلو ڪيو ته پريان کان سُڏڪن جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيس.
سُڏڪن جي وچ مان جهيڻي آواز ۾ “ثانيه” هيلو چيو؛ “علي ڪيئن آهين!؟”. هن جي اکين مان لُڙڪ قطار ڪري وهي نڪتا، هي به سُڏڪي پيو. “ثانيه” چيو؛ “علي هاڻ پاڻ نٿا ڳالهائي سگهون، منهنجي گهر وارن کي خبر پئجي وئي آهي پليز مون کي معاف ڪجان!”. هُوءَ مسلسل سُڏڪي رهي هئي.
“علي” صرف ايترو چئي سگهيو؛ “ثانيه...... توکي هر ڳالهه معاف آهي آئون هميشه توسان پيار ڪندو رهندس!”. ڪال ڪٽجي وئي علي جو ذهني عذاب اڃان وڌي ويو. ٻاهر ڳليءَ ۾ نڪري آيو شراب جي طلب ٿيڻ لڳس پر رات جا ساڍا يارنهن ٿيا هئا سوچيائين؛ “ان وقت اسٽور به بند هوندا.........
وري موبائيل کڻي غمگين سونگ ٻُڌڻ چاهيائين پر نيٽ پئڪيج نه هئس. هڪ وڏي آهه سان گڏ سُڏڪو ڀري رستي تي پيل پٿر کي ٿُڏو هڻندي سوچيائين؛ “غريبن جا عشق به بريڪ اپ جو شڪار ٿيو وڃن!”.
***