ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

نئين زال

نئين زال

ڦاٽل چوليءَ مان سندس جسم ائين نظر پئي آيو جهڙو چنڊ جي روشني ڪڪرن مان ليئا پائيندي آهي.
وڏيرو سائينداد عمر جي آخري حصي ۾ هُجڻ باوجود به شوقين مُڙس هو. هُوءَ “ڪبوترن” جي ٽولي سان گڏ هئي. (ڪبوتر لاڏائو قبيلو جنهن جون عورتون ڏاڍيون حسين ٿين)، وڏيري مُنشيءَ کي اک هنئي، مُنشي اڳي ئي وڏيري جي پاپن جو گواهه ۽ مددگار هو سو سمجهي ويو وڃي پاسيرڙو ٿي رازداريءَ سان ٽولي ۾ وڏي عمر جي ڪبوتريءَ جيڪا سندن اڳواڻ پئي لڳي سان ڳالهايائين.
ڪبوتريءَ پهريان وڏيري سائينداد ڏي نهاريو پوءِ سندس گاڏيءَ ڏي نظر ڦيرائي ها ڪيائين ته مُنشيءَ اک جي اشاري سان وڏيري کي هائوڪار جي خوشخبري ٻُڌائي.
وڏيري جو هائوڪار ٻُڌي ته خوشي ۾ ٻهڪڻ لڳو ۽ سندس مُڇون هيليڪاپٽر جي پرن وانگر ڦڙڪڻ لڳيون، مُنشيءَ ويجهو اچي ٻُڌايس ته ٻه هزار ۾ سئودو طئي ٿيو آهي، شام جو ٻنيءَ واري اوطاق تي ڇوريءَ اچي ويندي.
شام جو وڏيرو اوطاق جي اڱڻ ۾ ائين ڦيرا ڏئي رهيو هو جيئن سرڻيون گوشت لاءِ لامارا ڏينديون آهن. وڏيرو سائينداد خان تر ۾ عياشيءَ لاءِ مشهور ليکيو ويندو آهي. اڳي ٽي شاديون ٿيل هئس ۽ ماڻهو ڳالهه ڪندا آهن شهر ۾ ٻه سُريتون به اٿس.
حڪيم هڻ کڻ سندس ويجهن دوستن ۾ شُمار ٿيندو آهي، جنهن کيس هڪ هيري جو ڪُشتو ٺاهي کارايو هئو. مُنشي واتان ٻُڌل ڳالهه ته وڏيرو اصل گهوڙي کان به گوءِ کنيو وڃي!.
وڏيرو اوطاق جي اڱڻ ۾ ڦيرا ڏئي ٿڪو ته اچي آرام ڪُرسي تي ٽيڪ لڳايائين، اوچتو سندس نظر دروازي تي پئي جتان کان مُنشيءَ سان گڏ اها ڏينهن واري ڪبوتريءَ آئي پئي. وڏيري جون مُڇون هڪ دفعو ٻيهر ڦڙڪڻ لڳيون.
وڏيرو ۽ ڪبوتريءَ اندر ڪمري ۾ پورجي ويا.
صبح جو سوير وڏيري مُنشيءَ کي اوطاق تي گهرايو، مُنشي سهڪندو اچي پهتو. وڏيري حُڪم ڪيو، “مُنشي مولوي کي گُهرائي مون کي هُن سان شادي ڪرڻي آهي ۽ اوطاق جي پاسي ۾ ٻه ٻيا ڪمرا ٺهرائي جتي منهنجي نئين زال رهندي ۽ سڄي ڳوٺ ۾ مٺائي ورهائي ڇڏ!”.
***