انصاف
وسايو هڪ ننڍو ڇيلو ڏوريندو اچي ڊاٽسن ۾ چڙهيو. ڊاٽسن ۾ مال سان گڏ ڀاڳيا ۽ واپاري به سوار هئا. نورو واپاري تمام گهڻو سينيئر ۽ تجربيڪار واپاري هو، وسائي سان پُراڻي عليڪ سليڪ هئس. وسايو “چاچا نورا ڏي خبر ڀلا پِڙي ۾ مال جا ريٽ ڪيئن پيا هلن؟”.
چاچي نوري ٿڌو شوڪارو ڀريندي ڳالهايو؛ “ابا بس ڪهڙا ٿو حال پُڇين!، هڪڙو ٻهراڙي ۾ پاڻي ڪونهي ان ڪري مال جو گاهه ٿيو ڪونه، مال ڪمزور لڳو پيو آهي مٿان وري شهري ڪاسائين ۽ واپارين جا نخرا آهن، هڻي مارڪيٽ ئي ڊائون ڪري ڇڏي اٿن!، وري هاڻ ته نئون رينگٽ شروع ڪيو اٿن چون ٿا پِڙي شهر مان ٻاهر ڪڍي بائي پاس تي کٻڙ پير جي درگاهه وٽ لڳائي اٿن، اڄ پهريون ڏينهن آهي الله خير ڪري من ڪو ٻاهر جا واپاري آيا هجن ته ڪو مال جو چڱو اگهه ملي!!”.
وسايو، چاچو نورو ۽ ٻيا واپاري ڪچهريون ڪندا اچي بائي پاس واري نئين پِڙي تي پهتا، وسائي چاچي کي چيو؛ “چاچا منهنجو ڇيلو تڪڙو کپائي ڏجئو ننڍڙي کي چار ڏينهن کان بُخار آهي، پئسو پائي به ڪونهي سو وڃي علاج ڪرايانس”.
سڀني واپارين ۽ ڀاڳين ڊاٽسن مان مال لاهي پنهنجي هٿن ۾ ڪيو، اڃان بيٺا مس هئا ته پنج ڇهه ڄڻا نيٽن (لڪڻن) سان ڦري آين؛ “ابا جلدي مال جي پرچي ڪٽرايو..... جلدي ڪريو”. وسائي کيسي مان ٽيهه رُپيه ڪڍي کين ڏنا ته وڏين مُڇن سان ٿُلهي ٿنڀري همراهه چماٽ وهائي ڪڍيس؛ “اڙي بِشني........ هي ڇا ٿو ڏين!؟، توکان ڪو اسان پِنون ٿا ڇا؟، جلدي جلدي ٽي سئو رپيا ڪڍ!”. وسائي رڙ ڪئي؛ “پر سائين پرچي ته ٽيهه رپين جي هُئي نه!؟”.
وري ساڳي همراهه هڪل ڪيس؛ “اڙي بِشني جلدي پئسا ڪڍ نه ته ڀڃائين نه ڏند!”. وسائي چاچي نوري کان ٽي سئو رپيا وٺي کين ڏئي جان آجي ڪرائي، کيس سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي ڇا پيو ٿئي، سڀني پاسن کان رڙيون هيون، ڪن وڏي وات دانهون پئي ڪيون؛ “اهو ظُلم آهي، نا انصافي آهي!”، ته ڪن خاموشي سان پئسا پئي ڏنا.
اچانڪ هڪڙي پاسي کان پِڙي جي ٺيڪي وارن ڏاڍن مُڙسن ماڻهن کي لٺيون هڻڻ شروع ڪيون، جن پئسن ڏيڻ کان انڪار پئي ڪيو انهن تي سخت تشدد پئي ڪين، ڪنهن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس وڏي نفري سان پِڙي واري جڳهه تي اچي پهتي، ماڻهن پوليس اڳيان دانهون ڪيون؛ “اسان سان انصاف ٿئي سائين، اسان غريب مزدورن کان “ڀتو” ورتو پيو وڃي!”.
اوچتو وڏي قد ڊگهين مُڇن سان صوبيدار سپاهين کي هڪل ڪئي؛ “اڙي وٺو سڀني کي....... مُعتبر پئسا ڪونه ڏيندا....... پِڙي انهن جي بابي جي آهي!؟”. سپاهين ماڻهن کي مارڻ ڪُٽڻ شروع ڪيو، ماڻهو مال ڇڏي پاڻ بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڳا، صوبيدار صاحب جي حُڪم تي اچانڪ پوليس فائرنگ شروع ڪري ڏني.
ڪافي دير فائرنگ هلڻ کان پوءِ صوبيدار مُڇن کي وٽيندي سپاهين کي حُڪم ڪيو؛ “اڙي هاڻ بس ڪيو..... ڪيس ٺهي ويو!”.
۽ پوءِ پنجاهه کان وڌيڪ واپارين، ڀاڳين ۽ مزدورن کي جهلي ٿاڻي تي کڻي آيا ۽ سندن مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل ڪيا ويا، جنهن ۾ الزام لڳاين ته ڄاڻايل جوابدارن هُل هنگامو ڪري پوليس مٿان خون ڪرڻ جي ارادي سان سڌي فائرنگ ڪري ڊيوٽي اٽڪاءُ ڪيو آهي ۽ عام ماڻهن ۾ خوف حراس پئدا ڪيو آهي ۽ پوليس وارن کي زخمي ڪيو آهي ان ڪري سڀ دهشتگرد آهن.
سڀني گرفتار جوابدارن تي پِڙي جي ٺيڪيدار ڏاڍي مُڙس جي خرچ سان هٿيار لڳايا ويا، وسائي جي هٿ ۾ 9MM پسٽل ٻن مئگزينن سان ڏيکاريو ويو.
وسايو لاڪ اپ ۾ بي حال اونڌو ليٽيل هو ۽ ڌڪ لڳڻ سبب نڪ مان رت وهي رهيو هئس، سندس هٿ جي ڀيڪوڙيل مُٺ ۾ ننڍڙي پُٽ جي دوائن واري پرچي پيل هُئي، وسايو انصاف لاءِ واجهائيندو رهيو پر سندس دانهن ڪنهن نه ٻُڌي!.
صوبيدار صاحب وسائي کي خطرناڪ دهشتگرد ظاهر ڪندي ايف آءَ آر داخل ڪري ڇڏي، وسائي کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انصاف “اُگهاڙو” ٿي صوبيدار اڳيان نچندو هُجي!.
***