ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

پيڙاءُ 

چاچو سارنگ لٺ جي سهاري سان اُٿيو ۽ آهستي آهستي هلندي اچي اوطاق تي پهتو. جيئن چاچو سارنگ اوطاق تي پهتو ته سڀ ادب ۾ اُٿي بيهي رهيا. چاچو سارنگ هڪ ته عمر ۾ سڀني کان وڏو هو ۽ ٻيو ڳوٺ جو چڱو مڙس به هو. چاچو ڪُرسي تي ويٺو ته سڀني کي ويهڻ جو اشارو ڪيائين سڀ ويهي رها.
ماحول ۾ سانت لڳي پئي هئي، چاچي جي اڳيان ڪنهن کي ڳالهائڻ جي همٿ ڪونه پئي ٿي، چاچي سڀني ڏي نهاري پاڻ ئي ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ابا ڏيو خبر خير ته آهي نه؟، سڀ ائين خاموش ڇو ويٺا آهيو ڪو حال احوال ته ڏيو”.
عنايت خاموشي ٽوڙيندي ڳالهايو، چاچا سائين ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته اليڪشن اچي وئي آهي هاڻ ووٽ ڪنهن کي ڏجي اهو مشورو وٺڻ لاءِ اچي سڀ گڏ ٿيا آهيون”.
چاچي اکين تان عينڪ هيٺ سرڪائيندي پڇيو، “اميدوار ڪير آهي ڀلا؟”.
“چاچا اميدوار هڪڙو ته ڀُورل شاهه جو پُٽ آهي ٻيو وري ڪارل شاهه جو پوٽو ۽ ڪُجهه آزاد اميدوار به آهن”.
چاچي مٿي نهاريندي هڪل ڪئي، “اهو ڀُورل شاهه اهو ساڳو آهي نه جنهن کي ٽي دفعا ووٽ ڏئي کٽرايو هئوسين؟”.
“ها چاچا ساڳو..........
“اڙي منهنجا ٻچڙا.......... هي سنڌ انهن “شاهن” مان ڇو اچي اڙي آهي. الله جي پاران ڪو ڪتاب نازل ٿيو آهي ڇا يا “قرآن” ۾ ڪا آيت آهي ته هنن شاهن کي سڄي عمر ووٽ ڏيڻا آهن، ابا سڀ ڪن کولي ٻُڌي ڇڏيو ڪوبه اهڙو اميدوار جيڪو هنن پُراڻن اميدوارن جي ڀيٽ ۾ ڏهه پرسنٽ به لڇڻ وارو آهي ته ووٽ ان کي ڏجو پر هنن چورن کي ووٽ نه ڏجو. هنن ته اسان جو “رت” پي ڇڏيو آهي. هنن ته اسان جي سنڌ امڙ جو ساهه سُڪائي ڇڏيو آهي ۽ ها سڀ وڏي عمر وارا ٻُڌي ڇڏيو اگر هڪ پوڙهو ڀڙوو نڪري ته سئو ڀڙوا پئدا ڪندو آهي پر اگر هڪ پوڙهو مڙس ٿي بيهي ته مُڙس ماڻهن جا نسل پئدا ڪري وجهي!”.
چاچو سارنگ ائين چوندو لٺ جي ٽيڪ سان گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
***