ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

قرباني جو گوشت

قرباني جو گوشت

چتيون لڳل ڪپڙا، وارن ۾ مِٽيءَ پيل، ڇڳل چمپل سان هُن جي عمر ڪا ٻارنهن سال کن مس ٿيندي. ٿيلهي هٿ ۾ اچي صدا هنيائين، “صاحب مون کي به گوشت ذرو ڏيو الله توهان کي خوش ڪندو”.
صاحب چيلهه تي هٿ ڏئي پهريان سندس مُنهن ۾ نهاريو پوءِ چيو، “هل هل اسان سڄو گوشت ورهائي ڇڏيو آهي ٻيو ڪو در ڏس!.”. ننڍڙو معصوم ڇوڪرو روئڻهارڪي شڪل سان اڳتي وڌي ويو پُٺيان کان صاحب ڏٺو ته سندس ڪپڙا ڦاٽل هُئا ۽ انتهائي گدلو پئي لڳو.
صاحب کي ڪراهت اچي وئي مُنهن ٺاهي، “همم ههمم الائي ڪٿان ٿا اچيو وڃن “ڀنگي.....!”.
ٻاهر صاحب کي ڳالهائيندي ٻُڌي اندريان کان سندس بيگم صاحبه جو آواز گونجيو، “ڪير آهي؟. گوشت ڪهڙو آيو آهي اندر وارو وڏو فرج ته پنهنجي گوشت سان ڀريو پيو آهي هاڻ وڌيڪ گوشت جي گنجائش ڪونهي تون اهو ڪِچن ۾ رکجان ته “بوائل” ڪريان”.
٭٭٭