ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

تبديلي

تبديلي

پهريان خانو گوڏ ٻڌندو هو هاڻ چڍيءَ انگريزي ۾ نيڪر پائي ٿو گُهمي!.
پهريان هُو سالن پڄاڻان وار ڳوٺ جي هميري حجام کان ڪٽرائيندو هو جيڪو به وارن کي هيٺ مٿي ڪري اصل ڪُتر ڪُتر ڪري ڇڏيندو هو جهڙو رڍ جو پُڇ!. هاڻ هُو پئسه ڏئي رڍ، ٻڪري ۽ مختلف جانورن جي پُڇ جهڙا وار ٺهرائيندو آهي.
پهريان ڏاڙهيءَ ڪُوڙڻ لاءِ بليڊ سر جي ڪاني ۾ ڦاسائي پاڻي جي دُٻي تي ويهندو هو جتي اڌ وار رهجي ويندا هئس، هاڻ پئسه ڏئي قلمن کان ڄاڙي تائين وارن جا ليڪا ويٺو ٺهرائي!.
پهريان تاڪئيي جي حساب سان ڪپڙا وٺي درزي کي ڏيندو هو، راڻو درزي به هو سڀاڳو سو پيرن تائين قميص ٺاهي ڇڏيندو هو جيڪا گهلبي وتندي هئي، ڪِن ڪچرا گڏ ڪندي هاڻ پئسه ڏئي ڳريون سلايون ڀري ڊگهيون قميصون ٿو ٺهرائي!.
پهريان رڳو اڇا ڪپڙا، آسماني ۽ ڪارا پائيندو هو هاڻ هڙ ئي مائين جا رنگ چوري ڪيو پايو وڃي!.
پهريان کيس خانو خان سڏيندا هئا هاڻ وري ڪي ڪي ٿا سڏين.... پاڻ پهريان کير وڪڻندو هو هاڻ فيس بُڪ اسٽيٽس تي لکيل اٿس،
Own Business
فيس بُڪ اچڻ کان پوءِ خانو ته تبديل ٿي ڪي ڪي ٿي ويو ڀلا توهان ڪيترو تبديل ٿيا آهيو!؟؟.
***