وڏو ماڻهو
هي اُن وقت جي ڳالهه آهي جڏهن تون قميص هيٺان شلوار نه پائيندو هُئين. توکي جوڳين جي ڪُتن ڊوڙايو هو ۽ اچي مُنهن ڪري ڀڳو هُئين. چاچو چِڀڙ اياز صاحب کي پُراڻيون يادگيريون ٻُڌائي رهيو هو.
اياز صاحب مُلڪ جي وڏي هاڪ واري اداري ۾ سترهين گريڊ جو آفيسر هو. اياز صاحب؛ “چاچا چِڀڙ توهان به نه هاڻ آئون وڏو آفيسر ٿي ويو آهيان، هاڻ ٻه گاڏيون منهنجي پروٽوڪول ۾ هلنديون آهن. ماڻهوءَ مون سان ملڻ لاءِ انتظار ڪندا آهن!”.
چاچو چِڀڙ کلندي؛ “هههه هههه هههه.... “ايُو” ياد اٿئي پاڙي ۾ باگڙي رهندا هئا جن جي گڏهه تي تون چڙهيو هُئين!”.
چاچو وري کلندي؛ “۽ گڏهه مٿان ڪري ڪيرايو هئيي جو ٻه ڏينهن کٽ تي پيل هُئين”.
اياز صاحب مُنهن ڦٽائيندي؛ “چاچا مون سان دوست گڏ آهن ڪُجهه ته خيال ڪر!”.
چاچو چِڀڙ سڀني دوستن سان عليڪ سليڪ ڪري وري؛ “ايو..... سُوٽ بُوٽ پائي هاڻ ته وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين پر هُوءَ پاڙي واري ڇوريءَ “انبڙي” توکي اڄ به ياد ڪري ٿي جنهن جي عشق ۾ تون وڃي هر سومر تي سائين “گيدوڙي فقير” جون مٽيون ڀريندو هُئين!”.
اياز صاحب جا قصا چاچي چِڀڙ واتان ٻُڌي سندس سڀ دوست کلڻ لڳا ۽ اياز صاحب ڪاوڙ ۾ گهٽ وڌ ڳالهائيندو گهر ڏي نڪري ويو.
***