چُوتيو
وري ذهن جي ديوار تي گهنٽي وڄيس ٿي، “پر آئون چُوتيو ئي آهيان اهو ان ڪري جو پڙهيل لکيل هوندي به ڪڏهن سماج ۾ تبديلي لاءِ ڪم نه ڪيو اٿم، رڳو پنهنجو پيٽ ڀرڻ ۾ پورو رهيو آهيان، انسانيت جي ته خبر به ناهي ڇا ٿيندي آهي، ڪنهن جو ڪڏهن هڏ ڏوکي به ناهيان رهيو!”.
وري سوچيندي، “پر يار الله کي خوش ڪرڻ لاءِ هر سال لکين رپيا مسجدن، مدرسن ۾ جو ڏيندو آهيان، ان کان علاوه مون واري مائي ته درگاهن جون پيتيون ڀري ڇڏيون آهن، آئون چُوتيو نٿو ٿي سگهان اهو مُمڪن ناهي!”.
صوفي تي ٽيڪ لڳائيندي ذهن ۾ وري خيالن جي ولوڙ، “ير چُوتيو ته آئون آهيان، مون ڪڏهن اهو ناهي سوچيو ته منهنجا ٻار هيڏن وڏن اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر ٻي خلق وٽ سرڪاري اسڪول به مُيسر ناهن!. مون ڪڏهن ان ڳالهه تي به ناهي سوچيو ته منهنجي آسپاس رهندڙ ماڻهو ڪيئن ٿا زندگي گُذارين. مون ته ڪڏهن پنهنجي ڊرائيور کان به ڪونهي پُڇيو ته تنهنجي زندگي ڪيئن ٿي گُذري!. انهن اٺن هزارن مان گُذارو ٿئي به ٿو يا نه؟. مون ته ڪڏهن سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين ڏانهن به ناهي ڏٺو. مون ته ڪڏهن مسجدن مدرسن ۾ ڏنل پئسي جي پُڇا به ناهي ڪئي ته اهو پئسو ڪٿي ٿو استعمال ٿئي!. ها آئون بي حس ٿي پيو آهيان، آئون هڪ اهڙو جانور ٿي پيو آهيان جنهن جو پيٽ ڀرجي ٿو ته جنسي عضوو تيار ٿئي ٿو ۽ وري جنسي عمل ڪري سمجهان ٿو ته سڀ ٺيڪ آهي”.
سوچيندي، “ها پر آئون چُوتيو ڪيئن ٿيس؟. منهنجا واسطا اميرن ڪبيرن، اشرافن، آفيسرن سان منهنجو اٿڻ ويهڻ، کائن پيئڻ سماج جي مُعتبر ماڻهن سان آئون چُوتيو ڪيئن ٿيس؟”.
دماغ ۾ وري سوچن جو زلزلو ٿو اچيس، “تون چُوتيو آهين ڇو ته تون سڀ ٺيڪ سمجهي سُمهي پيو آهين، پرائي ڳالهين چوڌاري واري چمڪ ڌمڪ تي هِري پيو آهين، ها هڪ ڳالهه آهي ڪجهه ڪجهه سمجهه ۾ اچي پيو آئون صاف ڪپڙن وارو مُهذب جانور ٿي پيو آهيان ۽ هيءَ جيڪا شريف زادن جي جُهنڊ آهي ان ۾ وائڙو گُهمان ٿو پيو ها پر مون کي لڳي ٿو آئون چُوتيو ناهيان پر “مها چُوتيو” آهيان!”.
***