ڪافرياڻي
هُن جي هلڻ ۾ هرڻي وار چال هُئي. هُن جو جسم جوانيءَ جي مستيءَ سان ڀريل هو. هُوءَ ڳالهائيندي هئي ته لوفر ڇورن جي وات مان گِگون ڳڙي پونديون هيون. هُن جا ٽهڪ ٽانڊن جيئان گهڻن ئي جوانين کي جلائي ويندا هئا.
هُوءَ جيڪا ڪارخاني ۾ مزدوري ڪندي هئي جڏهن شام جو واپس ورندي هُئي ته سندس اڳ تي ڪئي عاشق پنهنجي اکين جي جوت جلائي ويهندا هئا. هُن پُٺيان عاشق لُور لُور ڪندا وتندا هئا پر هُوءَ ڪنهن کي لِفٽ نه ڪرائيندي هئي.
اسد خان نوجواني ۾ پير رکيو هو ۽ اهڙو پير رکيو هو جو پنهنجي وڏن کان به ٻه قدم اڳتي نڪتو. پاڙي جي ڪا به پِنڻ واري، مزدور، هارياڻي نه ڇڏي هئائين جنهن سان جِنسي بُک نه پوري ڪيائين!. اها ٻي ڳالهه هئي ته وڏيرڪو ٻار هو اڪثر پئسا خرچ ڪندو هو پر جيڪا نه مڃيندي هئي ان لاءِ ٻيا حيلا وسيلا ڪُتب آڻيندو هو.
هُن جو “نيلي” جي حُسن ۽ جوانيءَ جي هاڪ ٻُڌي ته اصل چريو ٿي پيو ۽ سندس پُٺيان پئجي ويو. پهريان پئسن وارا وٽ آزمايائين پر نيلي پاڻي پير ٻُڏڻ نه ڏنو. پوءِ داٻا ڌمڪيون پر “نيلي” سندس هٿ نه چڙهي. نيٺ هڪ پُراڻي “کاپڙ” کلاڙي جي مشوري سان “محبت” جو ڄار وڇايائين.
چوندا آهن عورت يا مرد کڻي ڪيڏو به مضبوط اعصابن جو مالڪ هُجي پر کيس به محبت جو ميم مٽايو ڇڏي.
“نيلي” جيڪا زهريلي نانگڻ هئي سا محبت جي درياءَ ۾ گهڙو کڻي گهڙي پئي ۽ خبر ئي نه پيس ته ڪڏهن “اسد خان” جي جنسي بُک جو شڪار ٿي وئي!. جڏهن هڙئي ٻيڙيون ساڙائي ويٺي ۽ جواني سندس حوالي ڪري ڇڏيائين تڏهن ياد پيس ته هاڻ اسد خان سان محبت جي قصي کي اڳتي وڌائجي ۽ شادي جو خيال دل تي تري آيس. کيس سندس قول ۽ واعدا ياد ڏياريائين ته اسد هاڻ آئون صرف تنهنجي آهيان تون مون سان شادي ڪر تو واعدو ڪيو هو.
“اسد خان” مُڇ تي هٿ ڦيريندي وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ کيس چيو، “تون هندو “ڪافرياڻي” آهين تو سان شادي ڪير ڪندو؟. تو سان شادي ڪري مون کي پنهنجي آخرت ناهي وڃائڻي!”.
ٻُڌڻ سان سندس مٿان سڪتو طاري ٿي ويو، هوش خطا ٿي ويس بس پوءِ “نيلي” هڪ سُڏڪو ڀريو ۽ صرف ايترو چئي سگهي، “جڏهن تون منهنجي ٽنگن جي وچ ۾ هوندو هُئين تڏهن به آئون “ڪافرياڻي” هئس تڏهن تنهنجي آخرت ڪٿي گُم هُئي!!؟؟؟”.
***