ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

سرڪس

سرڪس

“سائره منهنجا بوسڪي وارا ڪپڙا پريس ڪري ڇڏيا هُئيي؟؟”.
“ها ڪپڙا پريس ٿيل آهن، الماري ۾ رکيل آهن”، جوڻس پُڇندي؛ “سوير سوير ڪيڏانهن جي تياري آهي؟”.
“وڃان ٿو ٿر شادي جي دعوت آهي!”.
“اهو ڪٿي آهي؟”.
“هتان کان ڪار ۾ چار ڪلاڪ جو پنڌ آهي”.
“هل........!، ڀلا ايترو پري دعوت تي وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟”.
“ڇا ڪريون سائره ڏاڍا سُٺا دوست آهن وڃڻو پوندو!”.
“ٺيڪ آهي ڀلي وڃ”.
عابد صاحب ٿرپارڪر شادي جي دعوت ۾ وڃڻ لاءِ صبح کان تياري ڪري رهيو هو پر هڪ ڳالهه تي مُنجهيل هو ته کيس هڪ ئي ڪاڄ جون چار الڳ الڳ ڪارڊن جي صورت ۾ دعوتون هيون. دعوت جو هنڌ ۽ وقت ساڳيو پر گهوٽن جا نالا مختلف هئا!.
سڀني ڪارڊن کي اُٿلائي پُٿلائي ڏٺائين پر سندس مونجهاري جو تدارڪ ڪونه ٿيو، هي اڃان به وڌيڪ مُنجهي پيو. ذهن ۾ عجيب ولوڙ ٿيڻ لڳس، چار مُعزز ماڻهو، انهن جون دعوتون ساڳي جڳهه، ساڳو ٽائم...... هن پريشاني ۾ دوست کي ڪال ڪئي، اُن ڳالهه واضح ڪري ٻُڌايس؛ “ادا ڳالهه اصل ۾ اها آهي ته هتي رواج آهي ته هڪ ئي وقت پنج پنج گهوٽن جون شاديون ساڳي جڳهه تي گڏ ٿينديون آهن ۽ خرچ ۾ سڀ ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن، باقي “پُوئو” الڳ الڳ وٺندا آهن!”.
هي ڳالهه ٻُڌي مُنجهي پيو، سمجهه ۾ نه آيس ڇو ته اڳ ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جي دعوت ۾ نه ويو هو. ٻئي طرف آفيسر صاحب چڱي مڙس کي مخاطب ٿيندي چيو؛ “ڀائيا ڊيڪوريشن واري سان مون ڳالهائي ڇڏيو آهي پاڻ کي سُٺو سامان بلڪل رعايت سان ڏيندو، فُل سائيز جا ٻه وڏا شاميانا ڏيندو، ڊاڪٽر صاحب ۽ ٻين تي پنهنجا ڪم رکي ڇڏيا آهن، هاڻ اوهان کي رڳو ٻاڪرو مال وٺڻو آهي جيڪو اوهان جي ذمي آهي!”.
چڱي مُڙس پهريان ته ڪياڙيءَ کنهي پوءِ چيو؛ “ڀائيا ڳالهيون سڀ سون پر اهي ڊيڪوريشن واري حصي جا پنجويهه هزار گهڻا آهن اڃان ڪجهه رعايت ڪرائين...... ها هونئن به پاڻ کي ڪهڙو نالو بيهارڻو آهي؟، ڀت ۾ پاڻ کي رڳو ڏنل “پوئي” جا پئسا مُنافعي سوڌو ورائڻا آهن!”، صاحب ڳالهائيندي؛ “ڀائيا چئين ته برابر سچ ٿو پر ڊيڪوريشن واري اڍائي لک جو بل ٺاهيو هو جيڪو رعايت ڪرائي ڪرائي لک رپئي تي راضي ڪيو آهي دعوتي به ته جام آهن نه!؟، ڊاڪٽر صاحب جا پندرنهن سئو ڪارڊ ورهايل آهن، منهنجا پنهنجا ٻه هزار ڪارڊ ورهايل آهن، اوهان ٻنهي جا هزار هزار الڳ ڏنل آهن، مهمان به جام ايندا”.
چڱي مُڙس هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ کيسي مان موبائل ڪڍي ڪنهن کي ڪال ڪئي؛ “ابا اهو پنهنجي پاسي ڏُڪار سٽيل ٻڪريون جيڪي بيماري ۾ مرن پيون اهي ڪهڙي حساب ٿا وڪڻو؟”.
اڳيان جواب آيو؛ “ٽي هزار جو پُٺو ڏيون پيا”.
چڱي مُڙس سئو ٻڪرين جو آرڊر ڏنو، تياري شروع ٿي وئي، عابد صاحب پنهنجي ڪرولا گاڏي جي چار ڪلاڪ جي ڊرائيو ڪري ڀت واري هنڌ پهتو هو، ساڻس هڪ ٻيو دوست به گڏ هو، ميزبانن هنن کي سُٺو آڌرڀاءُ ڪري اندر ويهاريو. هن چئوڌاري نظر گهمائي ته ڏٺائين شادي جو شاميانو لڪي اسٽار سرڪس جو ڏيک ڏئي رهيو هو. رش انتهائي گهڻي هئي، ٽن پاسن کان ماني جو انتظام هو، ماڻهو ماني کائي نڪتا پئي، اڪثر ڏند کوٽيندا پئي ويا، هي به انتظار ۾ هئا ته ماني لڳي ته ٻه گِرهه هڻي ٽائم سان واپس نڪرن ڇو جو وري چار ڪلاڪ جو پنڌ ڪرڻو هُئن. نيٺ انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون ۽ هنن کي ماني لاءِ سڏ ٿيو. ماڻهو تيزي سان ماني واري پاسي وڌندا پئي ويا.
هي به دوست سان گڏ اندر داخل ٿيو. اندر ويهڻ لاءِ ڪرسيون نه هيون، بيهي ماني کائڻ جو بندوبست هو. هي پليٽ کڻي طعام واري ٽيبل ڏي وڌيا. ڇا ڏسن ته طعام ۾ ٻه وڏا ٿالهه رهي (شوري) جا ڀريا پيا هئا ۽ هڪ ڪُڪڙ جي ٻوڙ جو ٿالهه هو ۽ هڪ گجرون وڌل چانورن جو ٿالهه جيڪي اهڙا هئا جهڙو چائنيز کي مُنهن تي بُجو هجي!.
بحرحال ٿالهه ۾ چمچ کي چپوءَ وانگر هلائيندي هن کي هڪڙي ٻوٽي هٿ لڳي جيڪا ٿالهي ۾ وجهي وڃي پرڀرو ٿي بيٺو. ٻه ماني جا ٽُڪر امداد ۾ مليل سُڪل ڍوڍن جيئان هٿ ۾ جهلي رهي ۾ گرهه گهمائي کائڻ لڳو. ٻه ٽُڪر کائي ٻُوٽي کائڻ جي ڪوشش ڪيائين ته ٻوٽي ايتري پڪي هُئي ڄڻ ڪو پٿر!. ٻُوٽي مان بُوءَ الڳ سان محسوس ٿيس، هن کي ائين لڳو ڄڻ ڪنهن پوڙهي مينهن جي ٻُوٽي آهي. بحرحال هي جيڪو چار ڪلاڪ ڊرائيو ڪري چار معتبر ماڻهن جي دعوت تي پهتو هو هن کي ماني مهل ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ هي سينٽرل جيل جي ڪنهن کولي ۾ اڌ ڪچو اچ پڪو کاڌي جو ڀتو پيو وٺي!.
ٻاهر نڪري پوئي لکرائڻ جي ارادي سان پوئي لکڻ واري جي پُڇا ڪيائين ته ڪنهن سامهون هڪ تنبوءَ ڏي اشارو ڪيس، هي اڳتي وڌي تنبوءَ ڏي ويو، اُتي صورتحال ڏسي دنگ رهجي ويو!. اُتي دهي بڙي، چڻا چاٽ، برياني وڪڻڻ وارن وانگر چار اسٽال لڳل هئا. هرهڪ مٿان شادي واري ميزبان جو نالو لکيل هو.
هي اهڙو سڀڪجهه پهريون دفعو ڏسي رهيو هو، بحرحال سڀني سان سُٺو واسطو هجڻ ڪري هر اسٽال تي هزار رپئي جو بِل لکرايائين ۽ بغير ڪنهن کان موڪلائڻ جي اچي گاڏي ۾ ويٺو، موبائل فون جي گهنٽي وڳي، ڪال اوڪي ڪري هيلو ڪيائين، ٻئي پاسي پيارو دوست موهن هو؛ “يار ڏي خبر اڄ ٿر آيل هُئين شادي تي مون ڏي نٿو اچين ڇا؟”.
هن جواب ڏنو؛ “يار ڪجهه ڪم آهن، تڪڙو آهيان، وري ڪڏهن ايندس!”.
دوست پُڇيس؛ “ڏي خبر ڀلا دعوت مزو ڏنو؟، انجوائي ڪئيي!؟”، هن جي زبان مان صرف ايترو نڪتو؛ “بس ادا ڇا جي انجوائمينٽ!؟، پئسا ڏئي بي عزتو ٿيڻو هُجي ته پوءِ ڀلي اهڙيون ياريون نڀائجن، ڪاڄ ڪونه هو پئسه ڪمائڻ ۽ ڌنڌي جو نئون انداز هو!”.
هفتي کان پوءِ سندس آفيس آڏو نئين ماڊل جي هُنڊا سِوڪ ڪار اچي بيٺي، هن سمجهيو ڪو وڏو ڪلائينٽ آهي، ايتري ۾ سدائين فٽل مهراڻ تي ايندڙ سندس دوست حاجي عبدالرحمان اچي لٿو، سندس اکين ۾ سواليه نشان ڏسندي حاجي ڪجهه پڇڻ کان اڳ ئي چيو؛ “جوئي ڪي ٿو ڇوري ري ڀت ري پوئي را ارڙهن لک رپيا بچي گيا، هتا هون گاڏي لي ڇوڙي”.
سندس جسم مان ايندڙ پگهر جي ڌپ کيس شادي ۾ کاڌل ٻُوٽي جي ڌپ جهڙي محسوس ٿي.
٭٭٭