ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

رمضان

رمضان

رئيس جي اوطاق تي اڄ وڏي رش هئي، هرجي پري کان ويٺي سڄو لقاءُ ڏٺو. هرجي جي زال لالي هرجي کان پُڇندي، “اڄ هي اوطاق تي ايڏي رش ڇا جي آهي ڀلا؟”.
هرجي، “رمضان” آيو آهي.
“اهو رمضان وري مُئو ڪير آهي؟”.
هرجي، “او چريءَ رمضان مهينو جنهن ۾ مُسلا روزا رکندا آهن، سڄو ڏينهن بُک تي هوندا آهن”.
لالي،“ته پوءِ ايڏي رش اوطاق تي ڇو!؟”.
هرجي، “اڄ رئيس روزن کولڻ جي دعوت رکي آهي، سڀني وڏن ماڻهن کي دعوت ڏني اٿئين، ويهه ڇيلا ڪُٺا اٿس، ڪُڪڙ، پُلاءَ، زردا ۽ ٻيو به الائي ڇا ڇا ٺاهيو اٿن، سوير مُنڇي ٽيڪم پئي ٻُڌايو”.
ايڏن طعامن جو ٻُڌي لالي جي اکين ۾ عجيب چمڪ تريءَ آئي ۽ ٻئي لمحي پنهنجي پُٽ آسو ڏي نهاريندي سندس چهري تان جهٽ ڏئي چمڪ غائب ٿي وئي. ياد آيس ڏينهن کان آسو ماني ڪونه کاڌي هئي پاڻ به رات ٿورو رُکو ٽُڪر کاڌو هئائين ۽ هرجي به بُکيو هو.
صبح ساڻ هرجي ويو هو رئيس وٽ اٽي لاءِ پر رئيس ڇِڙٻ ڏيندي چيو هئس، “آئون ڪو توهان جو ٺيڪو کنيو آهي ڇا؟. مهيني ۾ مڻ اٽو کايو ٿا........... وڃو مون وٽ يتيم خانو کُليل ڪونهي جو توهان کي ويٺو کارايان مهينو پورو ٿيندو ته اٽو ملندو.......... ايستائين وڃي مرو مون کي شڪل نه ڏيکاريو!!”.
***