ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

سيل

سيل

شادي جي پهرين رات شاهد زارا جو مٿو ڦاڙي ڇڏيو هو، گهر جي وڏن وچ ۾ پئجي پنهنجي عزت خراب ٿيڻ جي ڊڄ کان گهر ۾ ڪمپائونڊر کي گُهرائي زارا جي ملم پٽي ڪرائي هئي، زارا هيسيل هرڻيءَ وانگر پلنگ جي ڪُنڊ تي رت هاڻن ڪپڙن سان مُنهن گوڏن ۾ لڪائي سُڏڪي رهي هئي، شاهد وڏي آواز سان ڪڏهن زارا کي ته ڪڏهن سندس مائٽن کي گاريون ڏئي رهيو هو.
شاهد جي پيءُ زارا جي پيءُ کي فون ڪيو ۽ چيو هو ته ٻه ڪلاڪن جي اندر پنهنجي ڌيءَ کي وٺي وڃو نه ته اسان جان کان ماري ڇڏينداسين!.
زارا جو پيءُ ۽ ماءُ رات جو چار بجي ڌيءَ جي گهر اچي پُهتا هئا، شاهد مسلسل گاريون ڏئي رهيو هيو، ؛ “بدچلن ڪميڻي ٻه نمبر عورت، نيچ، غليظ” اسان جي مٿي ۾ هڻي ڇڏي اٿئو جنهن جي “سيل” شادي کان پهرين ٽُٽل آهي وٺي وڃو پنهنجي ڌيءَ کي نه ته ڪاري ڪري ماري ڇڏينداسين.
زارا جيڪا پنهنجي اسڪول جي والي بال ٽيم جي ايڪٽِو رانديگرياڻي هئي تنهن کي اها خبر ئي نه هئي ته ڪڏهن راند روند ۾ سندس اهو نازڪ پردو ٽُٽي ويو هو!!.
زارا ۽ زارا جي مائٽن جي وڃڻ کان پوءِ شاهد جي سئوٽ شاهد جي پُٺي ٺپيندي چيو، “شاباس يار جو انهن نيچ ماڻهن جي چوري پڪڙي ورتئي نه ته هي ڪميڻا ته اسان جو گهر برباد ڪري ڇڏين ها!!”.
شاهد ٽهڪ ڏيندي مڪاري سان چيو، “ادا چڱو ٿيو جو مون اڳ ۾ “شڪيلا” سان اهو ڪم ڪيو هو، ان وقت ڇوري “سيل پئڪ” هئي نه ته خبر ئي نه پوي ها ته سيل ڇا ٿيندي آهي.........!!”.
***