راڌا
هُن جي سنهڙي چيلهه تي دِلو کنيل هو، هُوءَ هرڻي وانگر ڇال ڏيندي پئي وئي اچانڪ سندس نظر لياقت تي پئي ته چهري تي لالي اچي ويس ۽ جسم ۾ عجيب قسم جي ڏڪڻي محسوس ٿيس، دل تيز تيز ڌڙڪڻ لڳس ۽ هُوءَ دلي کي سنڀاليندي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي گهر ۾ داخل ٿي وئي.
“راڌا” جو جنم هندو گهراڻي ۾ ٿيو هو، پڻس هارپو ڪندو هئس ۽ ٻيو سڄو ويڙهو به هاري هئس. لياقت وارا پاڙي ۾ رهندا هئا. ڪافي عرصي کان راڌا ۽ لياقت هڪٻئي کي ڏسندا هئا ۽ ائين پري وارا ديدار وڌندي وڌندي چاهت ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ڪجهه عرصي ۾ ٻنهي وچ ۾ نينهن جو ناتو ڳنڍجي ويو پر ٻنهي جي وچ ۾ “مذهب” ديوار بڻجي بيهي رهيو، نيٺ لياقت راڌا کي مائٽن جو گهر ۽ اباڻو مذهب ڇڏڻ تي راضي ڪري ورتو.
هڪ ڪاري رات جو گُگهه اونداهي ۾ راڌا ننڊ پيل امڙ ابي کي ڇڏي لياقت سان گڏ نڪري وئي. لياقت جي سُڃاڻ وارو ڪو دوست ٻئي شهر ۾ رهندو هو جنهن راڌا کي مسلمان ڪرڻ ۽ ٻنهي جو نڪاح ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو هو.
لياقت ۽ راڌا رات جو لياقت جي دوست وٽ رهيا ۽ صبح ٿيندي ئي لياقت جي دوست چين اوهان ٻنهي کي پير صاحب وٽ وٺي ٿو هلان جيڪو راڌا کي مسلمان ڪري نڪاح پڙهائيندو.
لياقت جو دوست راڌا ۽ لياقت کي وٺي پير صاحب جي مدرسي آيو، مدرسو حويلي جي ڀرسان هو، هي سلام ورائي اندر داخل ٿيا. لياقت جي دوست پير صاحب سان ٻنهي جو ذڪر ڪري اڳواٽ ئي ٽائم وٺي ڇڏيو هو، پير صاحب هنن کي ڏسي اڇي سونهاري تي هٿ ڦيريو ۽ سُبحان الله ڪندي شروعات ڪئي؛ “لياقت پُٽ اوهان پڪا مسلمان آهيو، اوهان هن هندو ڪافرياڻي کي مسلمان ڪري جنت ۾ پنهنجو گهر پڪو ڪري ڇڏيو آهي”. پير صاحب ٻنهي کي وضو ڪري اچڻ لاءِ چيو.
راڌا کي لياقت وضو ڪرايو، ٻئي وري اچي پير صاحب اڳيان ويٺا، پير صاحب راڌا کي ڪلمو پڙهائڻ شروع ڪيو. راڌا هڪڙو اڳي ئي اڻ پڙهيل هئي، رهندو عربي ٻولي ته کيس ڪنهن پاسي کان به سمجهه ۾ نه آئي، رڳو پير صاحب جي زور زور سان عربي لفظن جي ورجائڻ تي آوازن جا اُچار غور سان ٻُڌي ان قسم جا آواز ڪندي وئي.
نيٺ وڏي مشڪل سان ڪلمو پورو ٿيو ته پير صاحب لياقت ۽ سندس دوست کي مبارڪون ڏنيون ۽ راڌا جو نالو بدلائي سڪينه رکيو ۽ راڌا کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اوهان هاڻ هفتو کن هتي رهي پئو ڇو ته ٻاهر راڌا جا مائٽ ڪافر راڌا خلاف واويلا ڪندا، اها بند ٿئي ته پوءِ هتان هليا وڃجئو.
لياقت پير صاحب جي چوڻ تي حامي ڀري ۽ اُتي رهڻ جو فيصلو ڪيو. لياقت کي مدرسي ۾ رهڻ جو حُڪم مليو راڌا کي حويلي ۾ موڪليو ويو.
رات ٿي ته راڌا عرف سڪينه کي پير صاحب جي ٻانهين تيار ڪري سينگاري ويهاريو. راڌا خوش هُئي ته اڄ لياقت سان سندس زندگي جي نئين شروعات ٿيندي، اڄ سندس سيني سان لڳي کيس پاڻ ارپي ڇڏيندي، رات جا يارنهن ٿيا هئا انتظار جون گهڙيون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پيون وٺن. نيٺ ٻارنهن وڳا ته ڪمري جي لائٽ اچانڪ بند ٿي وئي، راڌا جي دل هڪ دفعو وري تيز تيز ڌڙڪڻ لڳي، هڪ پاڇو هو جيڪو سندس ويجهو ٿيندو پئي ويو ۽ اچي بيڊ تي ڀر سان ويٺس!.
راڌا وڏي پيار سان سِڪ مان لياقت جي چهري کي ڇُهڻ لاءِ پنهنجا هٿ وڌايا ته حيرت جي انتها نه رهيس ۽ وڏي رڙ نڪري ويس، هٿن ۾ لياقت جو چهرو نه پر پير صاحب جي “سُونهاري” هئس!!.
***