ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

اين جي اوز

اين جي اوز

“ٻُڌ اها ڇوري ڪير آهي؟”.
“سر نئين آهي..........
“فريش پِيس ٿي لڳي!”.
“ها سر.............. اڄ ان کي انٽرويو ۾ سليڪٽ ضرور ڪجئو اصل توهان جون ڏهه آڱريون گيهه ۾!”.
صبا يونيورسٽي مان ايم اي سوشيالوجي ۾ ڪئي آهي، ڏاڍي جذباتي آهي، مارُو ماڻهن جا ڏُک سُور ڏسي ناهي سگهندي. حد درجي جي هوشيار به آهي، اسٽيج تي هميشه انگريزي ۾ ڳالهائيندي آهي.
انٽرويو جي ڪمري ۾ بگهڙ جهڙو صاحب ڪنڌ ۾ ٽاءِ ٽنگيو ويٺو آهي. پهريان چوراهي تي اخبارون وڪڻندو هو پوءِ ڪنهن اين جي او ۾ ملازمت ڪيائين، صاحب کي روز نيون ڇوڪريون هٿ ڪري ڏيندو هو سو ترقي ڪندي ڪندي پنهنجي اين جي او کولي ورتائين، هاڻ ڀلي گاڏي ۽ آفيس به اٿس. ڊونر کي سُٺا شراب ۽ ديسي ڇوڪريون وڏن هوٽلن ۾ موڪلي ڏيندو آهي، سياسي واسطا وڏا اٿس، رئيس چِڀڙ خان سان ته وڏي حُجت اٿس، سندس لاءِ هميشه حاضر هوندو آهي.
صبا سڄي رات اسٽڊي ڪئي، ايجوڪيشن بيسڊ پراجيٽڪٽ ۾ تعلقي ڪو آرڊينيٽر لاءِ اپلائي ڪيو هئائين، صاحب ٽائي کي ڇِڪ ڏيندي هيٺ سرڪايو جهڙو ڏاند جي ڪنڌ مان رسو ڍرو ٿيو!. ايڪسيڊينٽ ٿيل بس جهڙي مُنهن مان پيلا ڏند ظاهر ڪري مسڪرائڻ جا امپريشن ڏيڻ شروع ڪيائين.
صبا ڏي نهاريندي چيائين، “توهان جون ڊگريون ڏٺيون اٿم ڪافي ڪامپيٽنٽ ٿا لڳو. توهان سليڪٽ آهيو وڃو!”.
صبا خوشي ۾ نه پئي ماپي، “سر پوءِ آئون ڪڏهن کان جوائن ڪريان؟”.
“جي توهان سُڀاڻ کان جوائن ڪريو وڌيڪ منهنجو سيڪريٽري توهان کي سمجهائيندو”.
صبا ٻاهر انتظار ۾ هئي سيڪريٽري آيو، “جي توهان جي پگهار پنجاهه هزار آهي ۽ اڄ رات توهان کي صاحب ڊنر تي گهرايو آهي”.
“رات جو ڇو ڀلا!؟؟”.
“صاحب کي خوش ڪندئو ته نوڪري جوائن ڪجئو سُڀاڻ!”.
سيڪريٽري جا جُملا صبا جي دماغ ۾ هٿوڙي وانگر لڳا، دماغ چڪرائجي ويس.
***