زال
“سيما ڪٿي مري وئين!؟، ڪيتري دير کان انتظار پيو ڪريان چانهه آهي يا پاوا آهن. ڪم نه ڪار جي........... رڳو مائٽن هن بلا کي منهنجي مٿي ۾ هڻي ڇڏيو آهي!. سڄي خاندان ۾ اها رن اچي بچي هئي............. بس الله سائين مون واري ڏاڏيءَ کي دوزخ جي باهه ۾ ساڙي پاڻ ته مري وئي مون کي عذاب ۾ وجهي وئي!”. ڪامي پنهنجي مُنهن ڀُڻڪندو رهيو ڪڏهن وري تيز آواز سان سيما کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو.
ڪامي جو هاڻ اهو روز جو معمول هو ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تي سيما جي مٿان ڪاوڙ لاهيندو هو. ڪڏهن الزام تراشيون، ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهائڻ ايستائين جو هٿ به کڻندو هو. سيما ويچاري جيڪا ڪچن ۾ چانهه ٺاهڻ ۾ مصروف هئي اهي ڳالهيون ٻُڌندي رهي ۽ هڪ ڊگهي آهه ڀري اکين ۾ ايندڙ ڳوڙها روڪي ورتائين سوچيائين پئي، “عورت به ڪيڏي نه مظلوم آهي، سڄو ڏينهن ڪمائي، مُڙس جي سار سنڀال لهي، سندس سڙيل زهر ڀريون ڳالهيون ٻُڌي پوءِ به سُڪون نالي ڪو ذرو ناهي نصيب ۾!”.
سيما گهر ۾ ٽيون نمبر هئي، پهرين نمبر تي وڏي ڀيڻ هئس جيڪا شادي شُده هئس، ٻئي نمبر تي ڀاءُ هئس جيڪو پُڻ شادي شُده آهي ۽ سرڪاري نوڪري ۾ آهي، سيما بي اي پاس پي ايس ٽي ٽيچر آهي، ڪامي سندس سئوٽ هو، مائٽن جي لاڏلي هجڻ باوجود ابي امان پاران ڪيل رشتي تي ڪُجهه نه ڪُڇي سگهي بس خاموش رهي سندن ها ۾ ها ملائي!.
کيس ڪامي پسند نه هو ڇو ته شروعات کان وٺي ڪامي ڪم چور ۽ نشائي رهيو هو. سندس چاچي سيما جي پيءُ کي اچي منٿ ڪئي ته سيما جو رشتو ڪامي لاءِ ڏيو ڇوڪرو ٿورو بگڙي ويو آهي، سيما جهڙي محبت ڪرڻ واري سُلڇڻيءَ ڇوڪري سان رهندو ته ٺيڪ ٿي ويندو.
سيما جو پيءُ پنهنجي ڀاءُ کي جواب نه ڏئي سگهيو سو شادي لاءِ ها ڪري ڇڏيائين. ڪڏهن ڪڏهن سيما سوچيندي آهي ته عورت پئدا ئي ڇو ٿي؟. ڇا رُڳو قُرباني ڏيڻ لاءِ؟. ڇا رُڳو ڏُک، سُور، تڪليفون عورت جي ئي حصي ۾ اچڻيون آهن سوچيندي ڳوڙها الائي ڪٿان قطار ڪري اکين جي پِنبڻين مان لهي پوندا اٿس ۽ پنهنجي حال تي ماتم ڪري ويهي رهندي آهي.
ڪامي مئٽرڪ پاس هو. شادي کان اڳ ۾ پرائيويٽ نوڪري ڪندو هو. شادي کان پوءِ سيما جي پيءُ جيڪو ٽريزري ۾ آفيسر هو کيس ڪلرڪ جي سرڪاري نوڪري ڏياري پر چوندا آهن جنهن جا ڀاڳ ڦِٽن ان کي ڪير سنواري!؟.
آواره گردي، نشو ڪرڻ، رُلڻ ڪامي جا محبوب مشغلا هئا، انهئي آواره گردي ۾ نشي جي ڪيس ۾ سزا اچڻ ڪري سرڪاري نوڪري هلي ويس بس اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن سيما گهر جي وڏي ڪمائڻ واري به هئي ته نوڪرياڻي به هئي باقي زال صرف نالي ماتر رهجي وئي هئي.
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪمپرومائيز زال جي ئي حصي ۾ ايندو آهي، مرد شرابي، عياش، موالي ڄٽ، جاهل، بي روزگار ڪُجهه به هُجي پر سوسائٽي ۾ سندس ڪنڌ مٿي ۽ زال جو ڪنڌ هيٺ رهڻو آهي. اهي اسان جي سوسائٽي جا ٻِٽا معيار آهن. هتي هن سماج ۾ سيما جهڙيون هزارين ڇوڪريون “زال” بڻجي روز عذاب سهن ٿيون.
***