ڪاري
“امان او امان.............. هُو مون کي ڪاري ڪري ماري ڇڏيندا........ مون کي بچائي انهن ظالمن کان..........”، صائمه روئندي پيرن اُگهاڙي گهر ۾ داخل ٿي هُئي. اچڻ سان ماءُ کي ڀاڪر پائي چنبڙي پئي، “امان هُو مون کي مارن ٿا، مون کي “ڪارو” ڪندا....... امان مون کي بچائي.....
ماءُ جنهن پنهنجي ڌيءَ کي صبح تيار ڪري، ناشتو ڪرائي اسڪول لاءِ موڪليو هو. پنهنجي ڌيءَ کي جو اهڙي حالت ۾ رڙيون ڪندي ڏٺئين ته اندر جُهري پيس، پريشان ٿي وئي، ڌيءَ کي سيني سان لڳائي آٿت ڏيندي، “امان ڇا ٿيو؟، مون کي ٻُڌائي آئون ويٺي آهيان نه توکي ڪير ماريندو!؟”.
“نه امان هُو ظالم مون کي نه ڇڏيندا، مون کي ماري ڇڏيندا، امان هُو، بابا ۽ ادا به ظالمن سان مليل آهن، امان مون کي بچائي مان مرڻ نٿي چاهيان، امان الله ڏسي ٿو آئون ڪاري ناهيان”.
ماءُ پنهنجي ڌيءُ جي اهڙي حالت ڏسي اندر ۾ وڍجي پئي، ڌيءُ کي آٿت ڏيندي پُڇا ڪيائينس، “امان ٿيو ڇا آهي؟، ڇو اچي اهي ڇِتا ٿيا آهن؟”.
صائمه ڪُجهه سامت ۾ آئي ته ماءُ کي پيرائتي ڳالهه ڪري ٻُڌايائين، “امان هُو رئيس جو پُٽ آهي نه موالي گُلڻ اهو مون کي پنجن مهينن کان تنگ ڪري پيو ته مون سان دوستي رک، امان مون عزت خاطر ڪنهن کي نه ٻُڌايو...... هُو روز منهنجو اڳ جهلي بيهندو هو، مون کي تنگ ڪندو هو، مون کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو هو، مون اسان جي پرنسپل ميڊم کي به شڪايت ڪئي جنهن پوليس کي چيو جو ڪلهه اسان جي اسڪول اڳيان پوليس بيٺي هئي ان تان گُلڻ ڪاوڙجي مون کي نياپو موڪليو هو ته توکي نه ڇڏيندس، توکي اغوا ڪري ويندس، هيئنر جڏهن مان اسڪول ويس پئي ته گُلڻ پنهنجي ساٿين سان مون کي زوري کڻي اوطاق ۾ بند ڪيو ۽ مون سان ڏاڍائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مون رڙيون ڪيون جنهن تي هُنن مون کي ڏاڍو ماريو، منهنجي رڙين تي ماڻهوءَ ٻاهر گڏ ٿيا ته گُلڻ مون کي ٻاهر ڪڍي ماڻهن سامهون بابا ۽ ڀاءُ کي گُهرائي چيو ته صائمه ڪاري آهي، مون پنهنجي ڊرائيور سان جهلي آهي. ان تي سڀ منهنجا دشمن ٿي پيا آهن، بابا ۽ ادا مون کي مارڻ لاءِ پُٺيان پيا اچن، امان مون کي بچائي آئون “ڪاري” ناهيان......
دروازي تي زور سان لت لڳي، دروازو آواز ڪري کُلي ويو، سوڍو جنهن جي هٿ ۾ ڪُهاڙي هئي، اشرف جنهن جي هٿ ۾ دو نالي بندوق هئي اندر داخل ٿيا. سوڍو صائمه جو پيءُ ۽ اشرف ڀاءُ هو. اشرف هڪل ڪئي، “ڪٿي آهي ڪاري؟. اسان توکي نه ڇڏينداسين اُڦٽ مارينداسين”. صائمه در بند ڪري ڪمري ۾ لِڪي وئي، اڄ کيس موت سامهون کان نظر پئي آيو، هُوءَ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي هئي، سندس اکين ۾ ڪئي سُندر سپنا هئا. هُوءَ جنهن هميشه ڊاڪٽر ٿيڻ جا خواب ڏٺا هئا اڄ هيسيل هرڻي وانگر جلاد بڻيل پنهنجن کان لڪي رهي هئي.
صائمه جي امڙ سوڍي جي پيرن تي پوتيءَ رکندي چيو، “منهنجي ڌيءَ ڪاريءَ ناهي. هُوءَ پاڪ دامن صاف آهي، الله کي مڃيو ظُلم نه ڪريو، اهو موالي گُلڻ ڪوڙ ٿو هڻي”.
اشرف جي اکين تي ڪوڙي غيرت جي پٽي چڙهيل هئي، جنهن ماءُ جي ممتا کي به نه ڄاتو، امڙ جهڙي هستيءَ کي ڌِڪو ڏيندو ڪمري جي دروازي طرف وڌي ويو، امڙ سوڍي جي پيرن تي هٿ رکي روئڻ ايلاز ڪرڻ لڳي، “سوڍا هُوءَ تنهنجي ڌيءَ آهي، هُوءَ ڪاريءَ ناهي، هُن ڪو ڏوهه ناهي ڪيو هُن کي بخش ڪر!”.
پر سوڍي جي اکين تي ڪوڙ جي دز چڙهيل هئي، اندران کان صائمه سُڏڪا ڀري روئي رهي هئي ۽ پنهنجي ڀاءُ پيءُ کي منٿون پئي ڪيائين، “او ادا او بابا مان ڪاريءَ ناهيان، مون تي يقين ڪريو!”.
صائمه جي امڙ مسلسل روئندي رهي ۽ پنهنجي پُٽ ۽ مُڙس کي منٿون ڪندي رهي، اشرف بندوق جي ڪُنداق سان دروازو ڀنڃي ڇڏيو ۽ وارن کان گِهلي صائمه کي ٻاهر ڪڍي اڱڻ تي ڌِڪو ڏنو، اشرف بندوق سِڌي ڪري صائمه تي فائر ڪيو ته امڙ اڳيان اچي وئي ۽ بندوق مان نڪرندڙ بارود سندس جسم کي ٿڌو ڪري ڇڏيو. اشرف ٻيو فائر پنهنجي ڀيڻ جي مٿان ڪيو صائمه “ڪاري” ٿي وئي.
اشرف پنهنجي ڀيڻ کي ماري ڇڏيو، سوڍي پنهنجي ڪاري ڌيءُ کي قتل ڪري مُڇ وٽي ڏاڍ مُڙسي کي زندهه ڪري وِڌو!.
***