ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

خواهش

خواهش

“چمپا ڪلهه جُمعي جي خُطبي ۾ مولوي صاحب واعظ پئي ڪيو ته نيڪ مردن کي حُورون ۽ غلمان ملندا ۽ نيڪ عورتن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملندو!”.
راڻي، “نيڪ عورتن کي ڇا ملندو!؟”.
“اهو ڪونه ٻُڌايائين ته عورتن کي ڇا ملندو چمپا اها ڳالهه گول ڪري ويو”.
چمپا، “هڪ ڳالهه ته ٻُڌائي اهي مُلان جُمعي جي خُطبي ۾ نيڪ مردن ۽ نيڪ عورتن جو ذڪر ته ڪن ٿا پر پاڻ جهڙي ٽين جنس وارن کي ڇا ملندو؟ اهو ذڪر نٿا ڪن!.”
راڻي، “اها ڳالهه ته آهي هل ته هلي گُرو کان ٿا پُڇون........
“گُرو جي..........
“جيءُ چئي...... گُرو.....
“گُرو هڪ ڳالهه ته ٻُڌائي اهي مُلان روز مردن ۽ عورتن کي جنت جون ڳالهيون ٿا ٻُڌائين پاڻ کي ڀلا جنت ۾ ڇا ملندو؟”
گُرو ڪياڙي کنهندي سوچيو ۽ ٻئي لمحي ۾ جواب ڏنو، “چمپا، راڻي اوهان ٻُڌايو ته اوهان جي خواهش ڇا آهي؟”
چمپا، “گُرو آئون ته عورت ٿيندس!”.
راڻي، “گُرو آئون ته مرد ٿيندس!”. ٻنهي وري هڪ آواز ٿي گُرو کان سوال پُڇيو، “گُرو ڀلا اوهان ٻُڌايو اوهان ڇا ٿيندا؟”.
گُرو پاڻ ڏانهن سوال ٻُڌي ٿورو پريشان ٿي ويو، چهري تي پريشاني ظاهر ٿي پيس سوچيندي جواب ڏنائين، “آئون “جلاد” ٿيندس ۽ هن بيحس مُعاشري جي ماڻهن کان پلاند ڪندس..........
***