ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

دوزخ جو دورو

حاجي عنايت صاحب وڏو پُهتل ماڻهو هو. پڪو مذهبي ماڻهو، روزي، نماز، صوم صلوات جو اهڙو پابند جو اصل رات جو اُٿيو پيو تهجد پڙهندو ۽ ٻي عبادت ڪندو هو، تسبيح سائين جي هٿ ۾ زيور وانگر چوويهه ڪلاڪ هوندي هئي، بس سائين جو ڪاروبار رڳو ٿورو ڏسڻ جو اهڙو هو جو سائين مجبور هارين مزدورن ۽ وڏيرن کي قرض ڏيندو هو. اِها ٻي ڳالهه هُئي جو قرض سال ۾ ٽيڻ تي وڌي ويندو هو پر خير ڪاروبار ۾ ماشاءَ الله سائين جو نالو هلندو هو!. سائين وياج تي پئسا ڏيڻ ۾ پوري شهر ۾ اول نمبر تي هو (سُبحان الله ڪاروبار).
هڪ رات سائين آرامي هو ته خواب ۾ ڏٺائين ته هُو دوزخ ۾ آهي ۽ اُتي دوزخ جو ٺيڪيدار سڀني کي ڪن مان جهليندو باهه ۾ اُڇليندو پيو وڃي!.
حاجي صاحب کي قِصو سمجهه ۾ نه آيو ته هو دوزخ ۾ ڪيئن پُهتو!؟.
حاجي صاحب اڃان سوچيو ئي پئي ته اچانڪ دوزخ واري جلاد ڪن تي زوردار چماٽ وهائيندي هڪل ڪيس؛ “اڙي... هتي ڪهڙو گُهمڻ آيو آهين نِڀاڳا!؟، هل باهه ۾ ۽ لت هڻي باهه جي کوهه ۾ ڪيرائي ڇڏيائينس.
هيٺ باهه ۾ ڪريو ته ڏٺائين مُحترم اِبليس عُرف شيطان اُتي اڳي ئي وڏي ٺٺ سان ويٺل هو!. حاجي صاحب تعارف ڪرايس؛ “آئون حاجي الهڏنو تون ڪير!؟”.
شيطان ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنس؛ “آئون شيطان آهيان!”.
حاجي صاحب گهٻرائجي ويو ۽ پُڇيائينس؛ “آئون هتي ڪيئن پُهتس؟”.
شيطان چيس؛ “ابا تون به هتي غلط ڪم ڪرڻ ڪري پهتو آهين!”.
حاجي چيس؛ “شيطان بيشڪ آئون مڃيان ٿو مون کان ڪا ننڍي غلطي ٿي هوندي پر ان جي اهو مطلب ڪونهي جو مون کي دوزخ ملي ۽ اُهي سڀ ننڍيون غلطيون به تون مون کان ورغلائي ڪرايون هونديون!”.
شيطان وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو؛ “حاجي صاحب آئون شيطان آهيان انسان ناهيان ۽ جيڪي تون ڌنڌا ٿو ڪرين وياج وٺڻ، غريبن جا حق کائڻ، پاڙي وارن سان نا انصافي ڪرڻ، ڪوڙا ڪيس ڪري غريبن يتيمن جي ملڪيت تي قبضا ڪرڻ، ڏهه واري شئي ويهه ۾ وڪڻڻ اهي ته مون ڪڏهن سوچيا به ڪونه هئا، مون کي پاڻ کي تنهنجا لڇڻ ڏسي افسوس ٿو ٿئي ۽ آئون توکي ڏسي مُطمئن ۽ خوش آهيان ته آئون شيطان آهيان انسان ناهيان...!، حاجي صاحب خوامخواهه مون تي الزام نه هڻ آئون ايڏو وحشي ناهيان جو پرائي مال کي کائي کپائي اوڳرايون ڏئي وري نه مڃيان!”.
شيطان جون ڳالهيون ٻُڌي حاجي صاحب جي نِرڙ تان پگهر ريلا ڪري وهڻ لڳو ۽ ڪاوڙ ۾ شيطان کان پري ڀڄڻ لاءِ جيئن ئي ڊوڙ پاتائين ته خواب ٽُٽي پيس ۽ کٽ تان هيٺ ڦهڪو ڪري اچي ڪريو.
اُٿي پنهنجي پاڻ کي جاچي ڏٺائين وري گهر کي ڏٺائين، پوءِ شيشي سامهون بيهندي پگهر اُگهي سونهاري تي هٿ ڦيرائيندي دل جاءِ ڪيائين ته هُو “دوزخ” ۾ نه پر گهر ۾ موجود هو!!.
صُبح سوير ئي وڏيري صاحب ڏني ڏي نياپو موڪليائين ته ڏهه لک قرض تي جيڪي مٿيان وياج جا ٽي لک آهن اُهي جلدي ڏياري موڪل.
وڏيري پئسه ڏياري موڪليا، حاجي صاحب اُهي پئسه موڪلي عمري پاڪ تي وڃڻ لاءِ گهر واري سميت ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ڇڏي ۽ دل ئي دل ۾ شيطان کي ٻه چار گاريون ڏيندي چيو؛ “اسان نيڪو ڪارن کي شيطان ڪيترو ڀُلائيندو!؟ اسان کي ڀلا “دوزخ جو ڪهڙو ڊِڄ!”.
***