ٽرئجڊي
“هيلو يار آڪاش ڪٿي پيارا؟”.
“دڪان تي ويٺو آهيان ٻيو ڀلا ڪيڏانهن ويندس!”.
“هل ٺيڪ آهي تون اتي ئي ويهجان آئون پنج منٽن ۾ پهچان ٿو.”، ٺيڪ آ چئي آڪاش فون بند ڪري ڇڏيو. شاهزيب جنهن پنج منٽن ۾ اچڻ جو چيو هو سو ڦٽڦٽي جو زُوڪاٽ ڪندو اچي چار منٽن ۾ ئي پهتو. اچڻ سان ئي تڪڙ ڪندي، “يار آڪاش هل جلدي اُٿ جلدي ڪر......
آڪاش، “اڙي ڇا ٿيو آهي اهڙو؟. يار صبر ته ڪر گراهڪ آهي وڃي ته هلون ٿا سيٺ ٽر ٽر ڪندو!”. شاهزيب ڦٽڦٽي تي ئي ويٺو رهيو، هيٺ لهي دڪان ۾ نه ويٺو. آڪاش سندس اُڻ تُڻ محسوس ڪري ورتي سو سيٺ کان موڪل وٺي شاهزيب کي حُجت ۾ ٻه ٽي گاريون ڏيندي چيو، “هاڻ هل ڀلا ڪهڙو ساهه پئي نڪتئي!؟”.
“اڙي ير زندگي جو مسئلو آهي تو کي مذاق ٿي لڳي......
“هللللل هلللللل........... هاڻ ٻُڌائي کڻي...........
“گهڻئي ٿيو يار.......... اصل ۾ ڳالهه اها آهي ته تنهنجي ڀاڀيءَ لاءِ موبائيل فون ورتو اٿم، هينئر گهر ۾ ڪير ڪونه اٿس سو ميسيج ڪيو اٿئين ته ڏئي وڃ، هاڻ هي موبائيل فون وٺ ۽ جڏهن هُن جي بيٺڪ وٽ پهچون ته تون هي موبائيل بيٺڪ جي دروازي مان اندر اُڇلجان، هُوءَ پاڻهي ئي کڻي وٺندي!”.
شاهزيب نوڪيا جو موبائيل آڪاش کي ڏنو. آڪاش به موبائيل وٺي پاسي واري کيسي ۾ رکي ڇڏيو.
جڏهن شاهزيب جي محبوبه جي گهر وٽ پهتا ته آڪاش هلندڙ ڦٽڦٽيءَ تان موبائيل بيٺڪ جي در مان اندر اُڇلي ڇڏيو. اُن وقت لائٽ ويل هئي اتفاق سان آڪاش جي موبائيل ۽ شاهزيب جي ورتل موبائيل جو ماڊل به ساڳيو هو ۽ رنگ به ساڳو هو سو آڪاش کي اونداهيءَ ۾ خبر ئي ڪا نه پئي، نئين موبائيل بدران پنهنجو پُراڻو موبائيل جنهن ۾ ٻه ايڪٽِوو سِمون لڳل هيون اهو اڇلائي ڇڏيائين.
جڏهن واپس پُهتا ته آڪاش کي غلطي جو احساس ٿيو پر پاڻي مٿي کان چڙهي ويو هو. هوڏانهن شاهزيب جي محبوبه جيئن موبائيل کنيو ته آڪاش جي دُڪان جي گراهڪن جون ڪالون اچڻ شروع ٿي ويو.
اُها محبوبه جنهن کي ڏسڻ لاءِ شاهزيب پيو سڪندو هو رڪشو ڪرائي اچي پهتي ۽ موبائيل اڇلائي واپس ڏيندي چيائينس، “نڀاڳا تو کي دنيا ۾ اهو ڪال سينٽر واري جو موبائيل اچي لڌو هو ڇا جنهن تي اڌ ڪلاڪ ۾ سئو ڪالون اچي ويون آهن!”.
بس پوءِ شاهزيب جون منٿون هُيون ۽ محبوبه جا گُفتا............
***