ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

اُلٽي

اُلٽي

“مُئي نڀاڳي شمون ڪٿي مري وئين؟. اٽو اڌ ۾ رهيو پيو آهي، مکيون لامارا پيون ڏين جلدي اچ نڀاڳي..........
“شمون او شمون.............
پوڙهيءَ ائين ئي ٻاڪاريندي رهي پر شمون پنهنجي وارن کي پئي ٺاهيو. چئي، “هُونهه... پاڻ اٽي ۾ هٿ وجهيو پوءِ ويٺي هُل ڪري........... شل ڏائنڻ مري ته جان ڇُٽي........
اوچتو شمون جي دل ڪچي ٿيڻ لڳي، اُٻڙڪون اچڻ لڳس، سيني تي هٿ ڏئي اڱڻ ۾ لڳل واش بيسڻ ڏي ڀڳي، واش بيسڻ وٽ پُهتي ته “اُلٽي” اچي ويس، پريان کان شمون جو مڙس به گهر ۾ داخل ٿيو هو، شمون کي “اُلٽي” ڪندي جو ڏٺائين ته ڊوڙندو آيو، اچي شمون جي ڀرسان بيٺو، پريان پوڙهي شمون جي سس جيڪا هيستائين شمون تي تپي ويٺي هئي سا اُٿي ۽ جُهمر هڻڻ لڳي ۽ سهرا ڳائڻ لڳي، “پُٽ پينگهن ۾، پينگها محلات ۾، لوڏڻ واريون لک........ منهنجي راڻل کي مولا ڏيندو پُٽ..........
“او هن اڱڻ تي خان لڳي وئي بهاري.........
پريان کان شمون هڪل ڪئي، “او مُئي پوڙهيءَ....... ڇا تي ٿي جُهمريون هڻين؟. ڇا ٿي ويو مون کي ڪو پُٽ ڪونه پيو ڄمي، رات جيڪو آلو جو رهي وارو ٻُوڙ ٺاهيو هُئيي نه...... اُن اچي پيٽ ۾ ولوٽ وڌي آ........ تڏهن “اُلٽي” آئي آهي............
***