ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

عشق ٿي پيو فِشق

عشق ٿي پيو فِشق

“سهڻا پنهنجي اکين کي جهل تون، اهي تير نه هڻ پل پل تون...........، هلڻ مان صفا ائين پئي ڀائنجي ڄڻ ڪا انگريزي يا انڊيا جي فلمن جي هيروئين هجي، سنهڙي چيلهه کي لوڏا ڏيندي تيز تيز وکون کڻندي پاسي کان جيئن گُذري ته اصل اڌ ساهه ئي نڪري ويو!. ڪا امپورٽڊ خوشبوءَ لڳائي هئين. سوچيم ڪا وڏي منڊم آهي اهڙو جو اسٽائل ڪيو اٿائين!.
اسين ٻهراڙي جا اصل ڏسڻ سان ڪاڪڙو خُشڪ ٿي پيو هو، مُڇن کي وٽ ڏيندي پُٺيان پُٺيان هلڻ شروع ڪيومانس ڀائنيم اڄ جي ان سان نه ڳالهايم ته بس تر جا بشني ڇورا به مون تان کلندا!.
هونئن ته ڳوٺ ۾ آئون چڱي مڙس جو پُٽ آهيان، منهنجو پيءُ رئيس خميسو خان تر ۾ فيصلن لاءِ وڏو مشهور آهي، الله جو ڏنل سڀ ڪجهه آهي ڌن دولت جي ڪا ڪمي ناهي بس ابي پڙهايو ڪونه امان مرحيات شل جنت ۾ جائي مليس ابي کي چيومنهنجو هڪڙو سڪيلڌو پُٽ آ آئون ڪونه موڪليندس شهر پڙهڻ!.
سو بس ابي کي به ڪا خاص دلچسپي ڪونه هئي ان ڪري پڙهي نه سگهيس. ڳوٺ ۾ منهنجو پنهنجو جوئا خانو آهي، تر جو صوبيدار ابي کان ڏن وٺندو آ سو ڪو چوڻ آکڻ وارو ناهي بس شراب پيئندو آهيان، حُسن پرست آهيان، ڳوٺ جي حسين ڪلين جو واءُ وٺندو آهيان، پئسن سان جيڪا نه مڃيندي آهي ان کي ڊيڄاريندو ڌمڪائيندو آهيان. جيڪا ائين نه مڃي ان کي زوري کڻائي وٺندو آهيان.
پوليس کي پئسه ڏيڻ جو فائدو جام آهي. خير ڳالهه هلي پئي شهر ۾ سنهڙي ميڊم جي بس ڳالهه ضد جي ٿي پئي، هُوءَ هلڻ جي چُست چابڪ وانگر لچڪندي چيلهه کي موڙا ڏيندي ور وڪڙ کائيندي گليون مٽائيندي هلي پئي، آئون به سندس پويان پويان هلندي هلندي وڃي سوڙهو ٿيو مانس، پُٺيان کان وات مان آواز ڪڍندي ڇي ڇي ڇي ڪيومانس، هاڻ کڻي رئيس جو پُٽ پر اڻ پڙهيل ڄٽ اها به خبر نه هجي ان سهڻي منڊم سان ڪيئن ڳالهائجي!؟، ڪيئن سڏ ڪجي!؟. سو منڊم ڪو آواز ٻُڌي ورتو پوئتي ورائي جو ڏٺائين ته ڄڻ دل چيو ته وڃي ٻک هڻائنس پر وچ شهر اڪيلو ڇا ڪريان!.
نڀاڳو رمون گڏ هجي ها تڏهن به چوانس ها گاڏي ۾ وجهي کڻي هليس ها. منڊم ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ڀائي ڪونه هو؟. ڪيون پيڇا ڪر رهي هو ميرا؟”.
آئون ڪورو ڄٽ، “منڊم مان تيري پيڇي آيا ٿا تو مجهه ڪو وڻي وئي هئي!”.
منڊم نڪو ڪيو هم نڪو ڪيو تم، لاهي سئنڊل ۽ ڪياڙي وارو وهائي ڪڍيائين، “ڪُتي تو مجهي ڇيڙيگا؟ ابهي سبق سکاتي هون تجهي...........
ڏاڍا سئنڊل لڳا مٿان وري پنج ڇهه ٻيا به وريا ڏاڍو مارين عشق صفا فشق ٿي پيو. سوچيم ڳوٺ ۾ هجي ها ته ولو واري ڄاڱري ٻير ۾ ٻڌي سڀني تي ماڪوڙا ڇڏيان ها پر پري ٿي پيس شهر پرايو ٿي پيو، ڳوٺ هجان ها ته ان منڊم کي اگهاڙو ڪري سڄي سنگت جي دعوت ڪريان ها پر افسوس............
افسوس ابا اڄ ظُلم ٿي پيو هٿ مهٽيندو ڪڙهندو شهر جي اسپتال مان ملم پٽي ڪرائي موٽي آيس، ڳوٺ ۾ ڳالهه هلايم ته شهر ۾ ايڪسيڊينٽ ٿي پيو هو تر جا سڀ چڱا مڙس پڇڻ پيا اچن آئون دل ۾ پهه ٿو ڪريان اڳتي شهر ۾ عشق نه ڪبو!.
***