آچُو
چوندا آهن ته جتي وڻ ناهي هوندو اُتي ڪانڊيرو به وڻ ٿي پوندو آ سو آچو به سائين ڳوٺ ۾ پنهنجي پاڻ کي وڏو معتبر سمجهندو هو. سڄو ڏينهن مُڇن کي پاءَ تيل هنيو هٿ ۾ نيٽ لڪڻ کنيو وتندو هو کڳيون هڻندو.
چاچو صدورو وڏو عقل وارو هو، سمجهائيندو هئس ته ابا ٻاهر هوٽلن تي ويهي ڄاڙي نه هڻندو ڪر، اسان کي خبر آ تون ڪيترو مڙس ماڻهو آهين سُڀاڻ ڪِن ڪندين پر آچو ڪو مُڙڻ وارو ٿورئي هو!. جتي تر ۾ چوري ٿئي ڪو کاٽ لڳي، ڍڳا ڪاهجن، ڪو هٽ ڀڄي آچو مُڇن تي هٿ ڦيريو چئي، “اسان نه هونداسين ته ٻيو ڪير هوندو!”. اصل هوٽل تي چار لوفرن جي وچ ۾ واهه واهه لڳي پئي هُجي ته آچو جهڙو مڙس ماڻهو ٻيو ڪو ڪونهي!. تر ۾ آچو وڏو مڙس چور آ. اصل اوڙي پاڙي جي پڙهڻ لکڻ کان ڀڄڻ وارا واندا ڇورا هوٽل تي ويٺا آچو جون ڪوڙيون ڪهاڻيون ٻُڌي خوش ٿيندا هئا.
چوندا آهن هر ڪوڙي جو هڪ آخري ڏينهن ٿيندو آهي سو آچو سان به ائين ٿيو، پاڙي ۾ هڪ واڻئي اچي ٻنيءَ مقاطعي تي ورتي، ڪجهه مهينن کان پوءِ واڻئي جي اوطاق تان ڍڳن جو جوڙو چوري ٿي ويو، واڻئي جو ڪو مائٽ منسٽر هجي سو پوليس تر ۾ اچي ڏنڊو گهمايو، هر گري گنجي کي کڻي ٿاڻي ۾ ڪُٽڪو ڏنن ته پوليس کي خبر پئي ته آچو جو تر ۾ وڏو نالو آهي.
آچو کي جو خبر پئي ته پوليس ٿي ڳوليس سو وڃي جهنگ ۾ کٻڙ جي وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. پوري رات ڪونه سُتو چٻري وانگر ٽنگيو ويٺو هو پر سائين پوليس کي به ڪو شڪاري ڪتي وارو نڪ هو سو ڳولي اچي لڌائونس.
آچو کي اکيون ٻڌي موبائيل ۾ اڇلاين، ٻه ٽي لتون، مُڪون هڻي ٿاڻي تي کڻي آيا، آچو جو رستي ۾ پيشاب وهي ويو، ايس ايڇ او کي اچي منٿون ڪيائين، “صاحب خدا جو قسم مون مک به ناهي ماري، صاحب آئون ته مُڇن جو تيل به اوڌر تي وٺندو آهيان، صاحب قرآن جو قسم، مسجد سڳوري جو قسم، مرشد پاڪ جو قسم آئون ته ڦُوڪون ڏنيون آهن سڄي عمر چوري نه ڪئي آ”، آچو ڳالهائيندو رهيو ۽ روئيندو رهيو پر ايس ايڇ او گرم دماغ جو هو سو سڄي رات شراب جي نشي ۾ ڌُت ٿي اُگهاڙو ڪري ماريندو رهيس.
اصل آچو جا نٽ بولٽ سڄا کولي ڇڏيائين، ٻئي ڏينهن اصل چور ملڻ ڪري ۽ چاچي صدوري جي منٿن تي آچو کي پوليس ڇڏي ڏنو، ٻه مهينا آچو کٽ تي پيل هو، ان کان پوءِ مُڇون ننڍيون ڪرائي ڇڏيائين.
هاڻ ڳوٺ جي ڀرسان شاخ جي موري تي ڀاڄي جو ريڙهو هلائيندو آهي ۽ سڀني کي ڪوڙ کان توبهن ڪرڻ جا ڏس ڏيندو آهي.
***