مُلان جو دين
“اڙي ڇورا هوشوءَ تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي ڇا؟”.
“ڇو مُلان ڇا ٿيو؟”.
“اڙي تون نماز نٿو پڙهڻ اچين؟”.
هوشوءَ، “مُلان اهو منهنجو ۽ الله جو مسئلو آهي پاڻهين ئي ايندس!”.
مُلان، “اڙي بشني..... بابهين جي باشاهي آهي جو پنهنجو مسئلو اٿئي؟. اگر نماز تي نه ايندين ته فتوى ڏيندوسانءِ ته هوشو ڪافر آهي”. مُلان، “اڙي وڪي ٻُڌو آهي تنهنجا پر نڪري آيا آهن؟”.
وڪي، “ڇو مولوي صاحب ڇا ٿيو؟”.
مُلان، “ٻُڌم ته تو وارو ابو مسجد لاءِ لک روپيا پيو ڏئي تو منع ڪئي آهي ڏيڻ کان!”.
وڪي، “هائو ته ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي حق حلال جي ڪمائي آهي ڇو ڏيون؟”.
مُلان ڪاوڙ ۾، “اڙي ٻِليءَ مُهانڊا اگر نه ٻئي دفعي اسان جي وچ ۾ آئين ته پنج ڇورا گُهرائي اکيون ڪڍي ڇڏيندوسانءِ ۽ پوءِ ڪُفر جي فتوى ڏيندوسانءِ!”. مُلان، “اڙي علي ٻُڌو آهي تون غير مسلم ڪافرن جي مارجڻ خلاف احتجاج ڪرڻ ويو هُئين؟”.
علي، “ها مولوي ويو هئس پر ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي هُو سڀ انسان آهن”.
مولوي، “اڙي چُپ ڪر بڪواس بند ڪر. اڄ کان اڳتي ڏٺومانءِ ته فتوى لڳائي ٽنگائي ڇڏيندس، اڙي وشنو جي..........
“جي مولوي شاحب جي شائين.........
“تو ڪلهه اوڌر تان منهنجي پُٽ کي ڇِڙٻ ڏني هُئي ۽ ٽيو ڏينهن قرض جي پرچي ٺاهي گهر موڪلي هئي دماغ خراب ٿي ويو اٿئي ڇا؟”.
وشنو، “شائين اوهان ڏي لک رپيا اوڌر ٿي وئي آهي شائين غريب ماڻهو آهيان ان ڪري چيم”.
مولوي، “اڙي ڪُتا هندو ڪافر اگر اڳتي پئسا گهرئيي نه ته توهين مذهب جي فتوى ڏئي جيئرو باهه ۾ ساڙائي ڇڏيندوسانءِ!”.
ڳليءَ ۾ شور هو سڀ علي جي گهر ٻاهران گڏ ٿيل هئا، مولوي صاحب جي هٿ ۾ وڏو ڏنڊو هو ۽ ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ به لٺيون ڪهاڙيون هيون، ٻه ڪلاڪ پهريان مولوي صاحب، “پاڙي جي ناٿي ڀنگياڻي سان ڪارو مُنهن پئي ڪيو جيڪو علي ڏسي ورتو هو ان تي علي مولوي کي چيو ته آئون اجهو ٿو ڳوٺ وارن کي ٻُڌايان ۽ توکي ڳوٺ مان ڪڍرايان ٿو”.
ٺيڪ پنج منٽ کان پوءِ مسجد جي لائوڊ اسپيڪر مان آواز گونجيو، “جيڪو مولوي صاهب جو هو ڳوٺ وارئو غور سان منهنجي ڳالهه ٻُڌو....... پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ مُنڪر پئدا ٿيو آهي جيڪو توهين مذهب ڪري ٿو، گستاخ آهي سڄو ڏينهن موبائيل تي اسان ديني ماڻهن خلاف لکي ٿو ان جو نالو وٺندي مون کي شرم اچي ٿو، مون کي انتهائي گهڻي ڪاوڙ آهي، رب العزت توفيق عطا فرمائي ته آئون ان کي پاڻ پنهنجي هٿن سان ماريان اهو منڪر “علي” آهي”.
علي جي گهر جو دروازو اندر کان بند هو، ڳوٺ وارا بدستور گونگا ٻوڙا ٿيو مذهب جي بچاءَ لاءِ منڪر کي مارڻ خاطر لٺيون ڪهاڙيون بندوقون کنيو مُلان جي اڳواڻي ۾ علي جي گهر ٻاهران بيٺل هئا. مُلان جي دين ۾ علي لاءِ فتوى اچي چُڪي هئي، علي واجب القتل هو!!.
***