باغي ڇورو
“جي چاچا جي......!”، گُل محمد چاچي فيضوءَ جي سڏ تي جيءُ جيءُ ڪندو ڀڄندو پهتو. چاچو (گُل محمد کي ڳوٺ وارا پيار سان گُلو چوندا هئا). گُلو تو واري ڇوري عليڙي (علي کي چاچي ڪاوڙ ۾ عليڙو پئي چيو) جو دماغ خراب ٿي ويو آهي، ڪلهه مولوي صاحب قاري حسين بخش اچي دانهن ڏني آهي”.
گل محمد ڳالهه ٻُڌي پريشان ٿي ويو چئي، “چاچا خير ڇا ٿيو؟، ڇا جي دانهن ڏني آ مولوي صاحب؟”.
“ابا گُلو قاري صاحب چئي پيو ته اهو عليڙو مون کان دين متعلق چِڙ ڏيارڻ واريون ڳالهيون ٿو پُڇي”.
گُل محمد، “چاچا آخر علي اهڙو ڇا پڇيو قاري صاحب کان؟”.
“اڙي تو وارو ڇورو عليڙو مولوي صاحب کان پُڇي ٿو تون پيش امام آهين، تون سڄي رات ڏينهن مسجد ۾ سُتو پيو آهين، اتي ٽِٽ ڦُوس ڏئين ٿو اها جائز آهي؟. تون هتي ڇهه ڇهه مهينا رهين ٿو تو واري زال اڪيلي ٿي رهي اهو ڀلا تو واري مذهب ۾ جائز آ؟. تو هر هفتي جمعي تي رڳو آمريڪا ۽ اسرائيل کي ويٺو گاريون ڏئين ڀلا عوامي ڀلائي جون ڳالهيون ڪرڻ ڪُفر آهي ڇا؟. تون اسان کي ساڳي روزي، نماز، زڪوات جون ڳالهيون پيو ٻُڌائين ٻيو ڪجهه اچئي ڪونه ٿو ڇا؟، تنهنجا پانچا ڀيڏين کان به ايترا مٿي آهن اها اوگهڙ ڪونهي؟. تنهنجي نظر ۾ عورت جو مقام صرف ماني پچائڻ سيڪس ڪرڻ آهي ان کان وڌيڪ ڇو نٿو سوچين؟. تون لونڊي بازي جي خلاف ڇو نٿو ڳالهائين؟. تون رڳو هِندو هِندو ڪافر ڪافر پيو ڪرين انسانيت جي ڳالهه ڇو نٿو ڪرين؟. تون وتين ٿو جهاد لاءِ اعلان ڪرائيندو ڪڏهن تون ڪنهن انسان جي مدد به ڪئي آهي؟. تنهنجو پيٽ ڏسي لڳي ئي ڪونه ٿو ته تون ڪنهن سُنت تي عمل ڪيو هوندو........ ۽ ٻيو به الئي ڇا ڇا بڪواس ڪيو اٿئين تو وارو ڇورو عليڙو مذهب کان باغي ٿي پيو اٿئي ۽ ٻُڌ گُلو مولوي صاحب چئي پيو مذهب ۾ سوال پُڇڻ ڪُفر آهي ۽ تو وارو ڇورو ڪُفر پيو ڪري!”.
گُل محمد چاچي جون سڄيون ڳالهيون غور سان ٻُڌيون ۽ آخر ۾ نڪ تي هٿ رکندي چيو، “توبهن زاري چئبو ته اهو قاري صاحب به ائين ئي آهي، ان ۾ سُنت ذري ڪونهي!”.
چاچو اها ڳالهه ٻُڌي باهه ٿي پيو گاريون ڏيندي گُل محمد کي چيائين، “هتي ته “دن” کي ئي رولو آ، مون سمجهيو هڪ ڇورو باغي ٿيو آ.................
***