ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

چڪلائي

چڪلائي

کيس سڀ چڪلائي چوندا آهن پر هُو کين ڪڏهن به ڪن ڏئي ٻڌي ئي ڪونه!. چڪلي جي پاسي ۾ گهر هئڻ ڪري هن جو واسطو سڀني چڪلي وارن سان آهي سو ان ڪري ٻاهريان ماڻهو به سڀ کيس ان نالي سان سڏيندا آهن پر هي هميشه چوندو آهي هتي رات جو ڪڏهن اچو ته توهان کي “مُهذب پڻو” اگهاڙو نچندي ڏيکاريان.
سندس ڳالهين تي ڪير ڌيان ناهي ڏيندو ڇو ته هُو چڪلائي آهي باقي سڀ مُهذب آهن. هُو اڄ نشي ۾ ڌُت ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر ڏانهن ويو پئي ته ڳليءَ ۾ ويٺل ڪُجهه وائٽ ڪالر ماڻهون جيڪي سڀ سندس سُڃاڻون هئا کيس سڏ ڪيو، “اڙي هيڏانهن اچ”. هڪ پُٺيان هڪل ڪئي، “چڪلائي!.”.
هي ٿڙندو ويجهو پهتو ۽ سڄي جسم جي قوت گڏ ڪري اکين تي زور ڏنائين ته من ڪجهه نظر اچيس ۽ سُڃاڻي سگهي ته هتي ڪهڙا مُهذب ويٺل آهن. ٿُلهي پيٽ سان ويٺل وردي وارو، اڇن وارن سان قلم وارو، ڊگهو ڪوٽ وارو، ڀريل جسم روينيو آفيسر، ڀورو رنگ مُرشد سائين، ڊينڊو ليڊر، ناسپاتي جهڙو اڪڙيل تعليمدان، وڏي شيرواني سان حڪومتي ماڻهو ۽ ڪجهه ٻيا ويٺل هئا جن کيس چيو، “تون چڪلائي آهين ۽ هن سوسائٽي تي ڪارو داغ آهين. تون هتان لڏي وڃ نه ته توکي هاڻ نه ڇڏبو”.
هن پهريان ته غور سان ڏٺو پوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو، “ها آئون چڪلائي هئس، چڪلائي آهيان ۽ چڪلائي رهندس پر توهان ٻڌايو توهان ڪير آهيو؟. منهنجي ڀر ۾ چڪلي جون رنڊيون حق حلال جي روزي ڪنديون آهن، ڪڏهن به ڪنهن کان پنج روپيه به وڌيڪ ڪونه ورتا اٿن اڙي مُهذب پڻي تي ڪارا داغ اوهان آهيو ٻڌايو اوهان ڇا ٿا ڪريو؟. هُو وردي وارو جنهن ڪلهه مسڪينن جا خون لوڙهيا، نياڻين جي لڄن جا سودا ڪيا، هُو قلم وارو جنهن قلم کي گُهنگهرو ٻڌي ڇڏيا آهن، هُو روينيو وارو جنهن هڙئي کاتا مٽائي ڇڏيا آهن، هُو ڪوٽ وارو جيڪو پئسي کان سواءِ ڳالهائيندو به ناهي، هي مُرشد جيڪو هر مريدياڻي جي نٿ لاهيندو آهي، هي سياسي ماڻهو جنهن ڪڏهن به ڪو فِري ۾ ڪم ناهي ڪيو، اڙي هُو ڊاڪٽر جيڪو ڪاسائي آهي، اڙي هي ڏس تعليمدان جنهن نسل وڃايا آهن اڙي ٻُڏي نٿا مرو مون کي ٿا چئو چڪلائي.......
ها آئون سر عام مڃيان ٿو ته آئون چڪلائي آهيان پر مون کان وڏا توهان “چڪلائي” آهيو.
***