شادي شُده
هُو جهڙو ڏسڻ ۾ ڪنڌار هو تهڙا ڪم مُڙسن وارا هئس!. راڄائتو اهڙو جو اصل اوڙي پاڙي وارن جي هر ڏُکي سُکي ۾ اڳڀرو هُجي، سنگت سان ياريون نِڀائڻ ته ڪو هن کان سِکي!، اصل دوستن کي ڏسي ٻهڪي پوندو هو.
کيس جڏهن به ڏسبو هو ته هٿرادو بلوچي سئنڊل، بوسڪي يا ڪاٽن جا ڪلف ٿيل ڪپڙا پاتل، ٻانهن ۾ واچ، مٿي تي قيمتي ٽوپي پاتل، وٽيل شهپرن سان شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي ملندو هو.
سياري جي شروعات ٿي ته سندس گهر مان به دُهل جو آواز اچڻ لڳو. همراهه مليو ته ڳلن تي خوشي واري لالاڻ هئس، صفا چمڪيو پئي، وڏو ڀاڪر پائيندي ٻڌايائين ته؛ “ادا چنڊ جي چوڏهن تاريخ تي منهنجي شادي آهي، سُڀاڻ کان سڀ دوست تياري ڪريو ۽ شادي جو پروگرام سنڀالجئو”.
ڪچهريون ڪندي، هُن سان گڏ سندس شادي جي شاپنگ ڪندي چنڊ جي چوڏهن تاريخ به ٿي وئي، سڀني دوستن خوب ملهايس، هزارين ماڻهن جي شرڪت سان ڌام ڌوم سان سندس شادي ٿي.
چنڊ چوڏهين گُذاري وري مڪمل مان اڌ ٿي ويو پر “شادي شُدهه” يار نظر نه آيو!. ويهه ڏينهن، مهينو پاڻ مسٽر انڊيا وانگر ائين گُم ٿيو ڄڻ ته هن ڌرتي جي گولي کي ڇڏي وڃي ٻيو مُلڪ وسايو هئائين!.
علي سندس سڀ کان گهاٽو يار هو، هُن ته کيس ان حد تائين ڳوليو جو سندس سڀ ويهڻ وارا ٺڪاڻا، مِٽ مائٽ سڀ پُڇايائين پر يار هٿ ئي نه اچي!.
گهر وڃي ته چون ڪلهه کان ڪمري مان ناهي نڪتو. نيٺ علي به فيس بُڪ، واٽس ايپ تي کيس ميسيج ڇڏي ريپلائي جي انتظار ۾ ويهي رهيو پر صاحب سوشل دنيا کان به ائين ڪٽجي ويو جيئن “گُوگل” سان ڪو جهيڙو ٿيو هُجيس!.
ڪافي ڏينهن کان پوءِ هڪ ڏينهن علي مارڪيٽ ۾ بيٺو هو ته اچانڪ سندس يار جهڙي قد بُت واري همراهه تي نظر پيس، هي شڪيو ته اهو سندس يار ئي آهي. ٿورو ويجهو وڃي ڏٺائين ته ساڳيو همراهه ڪو ٻيو نه پر سندس يار “ڪنڌار هو. سندس ڏاڙهي وڌيل، شال ڪُلهي تي لٽڪيل، مُڇون لڙڪيل، پيرن ۾ چمپل ۽ سادا ڪپڙا پاتل هئس!.
سندس حال ڏسي علي کي پهريان ته ڏاڍو تعجب ٿيو پوءِ ويجهو وڃي حُجت مان ٻه چار گاريون ڏنائينس ۽ ڀاڪر پائيندي پُڇيائينس؛ “اڙي نِڀاڳا ڪيڏانهن گُم ٿي وئين؟، شادي ڪئي اٿئي يا خودڪشي!؟”.
هُن پنهنجي پاڻ کي ڀاڪر مان ڇڏائيندي ٿڌو ساهه کڻي چيو؛ “ادا ڪهڙا ٿو حال پُڇين “شادي شُدهه” جو ٿي ويو آهيان!!!”.
***