مُڙس ۽ آلو
مٽن جو پيس کڻندي سندس اکين ۾ چمڪ اچي وئي، دوست کي چيائين؛ واهه يار اڄ ته دعوت مزي واري آهي، مٽن ٽيسٽي ٺهيل آهي ۽ مڇيءَ جا پڪوڙا به ڪلاس جا آهن، روسٽ هائي مٺي گُليدي اڄ ته اصل ڍئو ڪري کائبو!”.
هي جسم ۾ سنهڙو هو پر کاڌي سان ائين وير وجهي کائيندو هو جيئن “هِٽلر” جو يهودين سان وير هو. اڪيلو مُڙس هڙئي کاڌن جي هڪ هڪ پليٽ ڳڙڪائي ويو!. اوڳرائي ڏيندي دوست کي چيائين، “يار هاڻ بس مڙئي چکيوسين وري ٻئي واري ڏسبو!”.
دوست مُنهن ۾ تڪڻ لڳس چيائينس، “ظالم سُڪل سانڊو لڳو پيو آهين تڏهن به ڏهه ماڻهن جي ماني کاڌي اٿئي اڃان وري کائيندي؟. شرم ڪر کاڌي پُٺيان مرندين!!”.
“هههه هههه هههه........ هي به ڏند ڪڍي کلڻ لڳو.
ٻئي دعوت مان فارغ ٿي گهر پهتا، شام جو دوست ميسيج ڪيس، “ڏي خبر رات واري دعوت تي هلبو؟”.
هن چيو، “ها ها يار بلڪل ضرور هلبو، هاڻ ته گهر جي ماني ئي نٿي وڻي تون تيار ٿي آئون اچان ٿو”.
زال چيس، “ننڍڙي جو کير ختم ٿي ويو آهي وٺي اچجان!”. هن مُنهن خراب ڪندي جواب ڏنو، “روز روز ڪيئن ٿو ختم ٿئي؟”.
زال وري چيس، “رات لاءِ ڀاڄي به ڪونهي!”.
هي مُنهن ٺاهي ٻاهر نڪتو ۽ ننڍڙي لاءِ کير ۽ زال لاءِ “آلو” وٺي آيو. زال چيس، “تون آلو کائين ڪونه پوءِ ڇو وٺي آئين؟”.
هن ڏند ڪڍندي چيس، “اهي “آلو” تنهنجي لاءِ آهن ٻيو تنهنجي لاءِ وري فائيو اسٽار هوٽل مان کاڌو ٺهرائي اچان ڇا!!؟؟”.
***