ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

ڪروڙ 

[b](منظر پهريون)
[/b]
وڏي جامع مسجد جي خطيب صاحب خُطبي کان پوءِ واعظ ۾ سڀني نمازين کي حُڪم واري انداز ۾ چيو؛ “ماشاءَ الله توهان سڀ مُسلمان آهيو، اليڪشن اچي رهي آهي، پنهنجي تڪ مان مولانا هدايت الله صاحب اليڪشن پيو وڙهي اُن کي ووٽ ڏئي کٽرايو، اِهو اوهان تي فرض آهي ۽ اهو الله جو فرمان به آهي ته مسلمانو پنهنجي مسلمان ڀائرن جي مدد ڪريو. مولانا صاحب جي مقابلي ۾ سامهون اميدوار هندو ڪافر آهي. چون ٿا ته وڏو وياج خور آهي...... مسلمانو اهو هندو ڪافر اگر کٽي آيو ته...... اوهان سلامت نه رهندا........ هتي حلال بدران حرام وياج جو ڪاروبار هلندو ان ڪري ووٽ مولانا کي ڏئي جنت پڪي ڪريو!”.

[b](منظر ٻيو)
[/b]
وڏي جامع مسجد جي لائوڊ اسپيڪر مان اعلان پئي ٿيو؛ “اسان جي حد جو ايم پي اي تيرٿ داس صاحب وڏو نيڪ انسان آهي، هُوءَ غير مذهب مان هُجڻ جي باوجود اسان جي مسجدن ۽ مدرسن جو خيال ٿو رکي، هو انسان ذات لاءِ پنهنجي دل ۾ درد رکندڙ شخص آهي، مسلمانو ان مان ڪجهه پرايو، اسان سندس وڏا شُڪر گُذار آهيون جو هُن مسجد ۽ مدرسي لاءِ اسپيشل گرانٽ منظور ڪرائي هڪ هڪ ڪروڙ رپيه ڏنا!”.
مولوي صاحب جي وات مان ڪروڙ جو اُچار نڪرندي نڪرندي اُچار سان گڏ گِگ به وهي نڪتي!.
***