ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

کدڙي جو مذهب 

چنبيلي باٿ روم ۾ ننگو وهنتو پئي، سامهون کان وڏو سندس قد جيترو شيشو لڳل هُئس، پاڻ بغير ڪپڙن جي غور سان پنهنجي جسم کي ڏسي رهيو هو.
گُلابي چپ، خوبصورت چهرو، وڏيون ويڪريون اکيون، سُهڻي ڳِچي ۽ ان کان ٿورو هيٺ اُڀريل چُهنب سان ڪشش واريون ڇاتيون، سنهڙي چيلهه، ان کان هيٺ جڏهن ڏٺائين ته اکين مان ڳوڙها وهي آيس. ٻنهي هٿن سان چهرو لڪائي باٿ روم جي ڀت کي ٽيڪ ڏئي هيٺ ويهي رهيو ۽ روئندي روئندي سُڏڪا ڀرڻ لڳو.
گهڻو روئڻ کان پوءِ جڏهن ڪُجهه سامت ۾ آيو ته مٿي مُنهن ڪري تصوراتي خُدا سان ڳالهائڻ شروع ڪيائين، “اي خُدا منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي؟، جو تو مون کي اهڙو سُهڻو جسم ڏنو پوءِ به ان اندر نر يا مادي وارا جنسي عضوا ۽ احساس نه ڏنا......... اي خُدا ڇا آئون عذاب خانن ۾ پلجڻ لاءِ پئدا ڪيو ويو آهيان!؟. اي خُدا ڇا تو وٽ منهنجي لاءِ ذرو مِٽيءَ به کُٽي وئي هئي جو تو مون کي اهي ننڍڙا عضوا به نه ڏنا............. اي خُدا جڏهن تو مون کي اڻ پورو ۽ اڌورو پئدا ڪيو آهي ته پوءِ پڪ سان مون تي دوزخ به حرام ڪيو هوندئي پر هڪ ڳالهه جيڪا تو کان پُڇڻي آهي اي خُدا جڏهن منهنجي اندر لذت وارا احساس ۽ عُضوا ناهن ته پوءِ تنهنجي مذهبن سان منهنجو ڇا وڃي؟. هي جيڪي روز تنهنجي عبادتن جا پهرا آهن انهن سان منهنجو ڇا!!!؟؟”.
***