رانگ نمبر
“اڙي مُئا ڪٿي مري وئين!؟”.
“ائي نڀاڳي رن اچان ٿو اچان ساهه ٿو وڃئي ڇا........
“هل ڙي هيرو جلدي پهچ ته ڪٿي ويلڻ سان هڏ نه ڀڃائين!”.
“اڙي بيماري ڇو اچي مٿو کاڌو اٿئي؟. اصل رت ئي پي وئي آهين”.
“رت ته تون منهنجو چُوسي ويو آهين. باهه لڳي ان نڀاڳي موبائل کي جو تو جهڙي گڏهه سان اچي لڳس نه ته مائٽن وٽ سون ۾ تُران ها!”.
“هل ڙي رن سهڻي...... ڀاڄوڪڙ هئين تڏهن ته دانگي ملئيي مائٽن جي مُنهن تي.... بس شل موت اچي جو تو عذاب مان جان ڇُٽي!”.
رابعه ۽ شاهد جو اهو معمول جو قصو هو. ٻه سال اڳ ۾ رانگ نمبر لڳڻ ڪري رابعه جو شاهد سان رابطو ٿيو هو. فون تي ڪچهريون ڪندي ڪندي رابعه کي خبر ئي نه پئي ته ڪڏهن کيس عشق جو چوٽ لڳي ۽ شاهد جي ڪوڙن ڏٽن ۽ سُهانن خوابن جي آسري گهر ڇڏي آئي.
جڏهن شادي ڪري گهر آئي ته هڪ ڇڳل کٽ ۽ ٻه وهاڻا، هڪ ديڳڙي ۽ ڪجهه ٽُٽل پليٽون سندس منتظر هيون. بعد ۾ خبر پيس ته شاهد ڏهاڙي تي مزدوري ڪندو آهي ۽ رهڻ لاءِ پنهنجو گهر به نه اٿس پر هاڻ ڇا ڪري؟. پاڻي مٿي کان چڙهي ويو هو.
***