ڪھاڻيون

ضمير جو موت

نوجوان لکاري مرتضيٰ ناريجو سنڌي ڪھاڻيءَ جيَ لشڪر جو هڪ سجاڳ سپاهي آهي. مرتضيٰ جي ڪھاڻيءَ جي سڀ کان مُنفرد ڳالھ، لکڻ ۾ سندس بي رِيائي، يعني ”سِڌي راند سونٽي جي“ آهي. هن جيڪو ڪجھ به ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، سو جيئن جو تيئن لکيو آهي. مرتضيٰ نہ صرف تصوير جا ٻئي پاسا ڏيکاريا آهن، پر ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي، اسان جي منافق تَرين ۽ نفسياتي مريض سماج جا اڇا، ڪارا، ڳاڙها، نيرا، پيلا، يعني سمورا رنگَ پنهنجي ڀرپور جلوا افروزين سان چِٽيا آهن. سندس ڪهاڻيون فَني حوالي سان ڪٿي بيٺل آهن، ان جي فيصلي ۾ تہ اڃا دير آهي، پر موضوع جي حوالي سان مُنفرد ۽ حالات جي تَقاضائُن سان گهڻي حد تائين هم آهنگ آهي.
Title Cover of book ضمير جو موت

صاحب

صاحب

صاحب جيڪو پنهنجي آفيس جو انچارج هو جڏهن آيو هو ته صفا سهڻو سنهڙو من مست لڳندو هو پر چوندا آهن جهڙو واءُ گُهلي تنهن پاسي وڃجي سو هاڻ شرٽ جي بٽڻن مان پيٽ ٻاهر جهاتيون پئي پاتس. روز جا پنجاهه سٺ حصي ۾ اچي ويندا اٿس. وڏي صاحب جو به خاص آهي سو ڪرسي به سڻڀي تي ويٺل آهي.
پڻس مرشد جي درگاهه تي مٽيون ڀريندو هو، سائين گاجن پير جڏهن ايم پي اي ٿيو ته منٿون ڪري ليلائي ليلائي نوڪري وٺي ڏني هئس. گاجن سائين جيستائين جيئرو هو مڙئي پڻس جو حال پڇڻ ويندو هو امڙ ڪراڙي دعائون ڏيندي نه ڍاپندي هئس، پڻس جون اکيون کيس ڏسي چمڪي پونديون هيون پر واءُ جو ٻيو گُهلي ويو گاجن وڃي مالڪ سان مليو صاحب وڏي شهر جي ڊفينس ۾ وڏو بنگلو هٿ ڪري ورتو. پنج ڇهه گاڏيون، نوڪر چاڪر، پروٽوڪول جي عادت پئجي ويس. مٿان جو پناهگير طبقي جي سنهڙي ميڊم ڊاڪٽرياڻي سان شادي ڪيائين بس پوءِ ته پاڻ کي آسماني مخلوق ڀائڻ لڳو.
پهريان امڙ ابي جيڪي ڳوٺ جي ڪچي جهوپڙي ۾ رهندا هئا کائنس سالين پُڄاڻان ڪو ملڻ ايندو هو پر هاڻ اچڻ وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏيائين. ماڻس ويچاري پئي ايندي ويندي کي نياپا کڻائيندي هئي. صاحب کي پئسي جي جُنون ۽ ميڊم اهڙو ته قابو ڪيو جو ابي جي موت تي به ٻن ڏينهن کان پوءِ آيو. راڄ جي ٻن چڱن ٿُو ٿُو ڪيس ته مڙس ڪاوڙجي هليو ويو امڙ کي اڪيلو ڇڏي اهو به نه ڀائيائين ته ان جنم ڏنو، ڏک سُور ڏسي پالي وڏو ڪيو آ........!!.
امڙ ائين ماني ڳڀي لاءِ در در تي ڌڪا کائي مري وئي پر کيس پرواهه نه ٿي. صاحب اڄ محسوس ڪيو ته پئسه ڪجهه گهٽ مليا آهن گهر پهتو ته ڊاڪٽرياڻي صاحبه گهٽ پئسن ملڻ ڪري ڏاڍو بي عزتو ڪيس. ٻار ته هاڻ کائنس ڳالهائيندا به نه آهن بس پنهنجي ماءُ جي ٻُڌندا آهن، گهر ۾ اردو انگريزي ڳالهائيندا آهن، کيس هاڻ صرف اي ٽي ايم مشين سمجهندا آهن، هاڻ ته صاحب اهو به ڀُلجي ويو آ ته هو ڪير آهي ۽ هتي ڪٿان کان آيو هو!.
اڄ صاحب کي جڏهن ڊاڪٽر صاحبه ٻارن اڳيان بي عزتو ڪري ٿي تڏهن ڪمرو بند ڪري رڙيون ڪري روئي ٿو. اڄ ياد پويس ٿو پوڙهو پيءَ ۽ امڙ جيڪي ڪڏهوڪا هليا ويا، سڀ ڪجهه وٽس هوندي به روئڻ سندس مُقدر بڻجي ٿو پوي.
***